سنڌ ۾ وڌيڪ 39 ڄڻا اجل جو شڪار، گڊو ۽ سکر تي وڏي درجي جي ٻوڏ

سنڌ ۾ وڌيڪ 39 ڄڻا اجل جو شڪار، گڊو ۽ سکر تي وڏي درجي جي ٻوڏ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري پي ڊي ايم اي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب ضلعي ڄامشوري ۾ سڀ کان وڌيڪ 12 ڄڻا، سکر ۾ 10 ڄڻا فوت ٿيا، اهڙي رييت لاڙڪاڻي ۾ 8 ۽ دادو ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا. سنڌ ۾ هيل تائين ڪل 470 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 8314 زخمي ٿيا آهن جن ۾ ٻارن جو وڏو انگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو