اسلام آباد)بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون روڪڻ بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته وفاقي حڪومت کي ان معاملي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ته جواب جمع ڪرائي.عدالت سنڌ حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل درخواست ڪئي ته سنڌ حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏنو وڃي.عدالت سنڌ حڪومت کي ٻن هفتن جو مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي 4 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










