سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيندي: سپريم ڪورٽ

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪ بندين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. بلدياتي چونڊيل نمائندن جو وڪيل خالد جاويد خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ يونين ڪميٽين جو تعداد به حڪومت طرفان طئي ڪيو ويندو آهي، حدن ۽ تڪ بندين ۾ آدمشماري کانسواءِ ٻين صوبن کي به مدنظر رکيو ويندو آهي. اسيمبلي جو حلقو 4 لک هجي يا 10 لک، وزير اعظم لاءِ ووٽ هڪجهڙا آهن. خالد جاويد خان چيو ته مڪاني ادارن کان وٺي قومي اسيمبلي تائين هر تڪ ۾ ووٽن جي تناسب ۾ فرق آهي. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيندي. عدالت حڪم ڏنو ته ايم ڪيو ايم پهريان مناسب فورم سان رجوع ڪري، حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ ئي عدالتن ۾ قانوني نقطا اٿاريا وڃن، اپيل ۾ اٿاريا سڌو سنئون نه ٿا هلي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو