سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو امڪاني برساتن ۽ موسم جي خرابي سبب ملتوي ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ مڪاني چونڊون 24 جولاءِ تي ٿيڻيون هيون پر هاڻ چونڊن جو ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي ٿيندو. ترجمان چيو ته موسم جي خرابي ۽ محرم الحرام سبب اين اي 245 ڪراچي جي ننڍي چونڊ به ملتوي ڪئي وئي آهي، جيڪا هاڻ 21 آگسٽ تي ٿيندي. ترجمان اهو فيصلو صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي رپورٽ، عوام جي درخواستن ۽ موسميات کاتي جي رپورٽ تي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو