سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان هاڻي خانگي ادارا وٺندا،منظوري

سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان هاڻي خانگي ادارا وٺندا،منظوري

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۽ نتيجن جو ڪم خانگي اداري حوالي ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت ميٽرڪ، انٽر جي امتحانن ۽ نتيجن جو ڪم آئوٽ سورس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي بورڊن جي امتحانن ۽ نتيجن جو ڪم بورڊن بدران خانگي ادارو ڪندو.بورڊز ۽ يونيورسٽيز ڊپارٽمينٽ پاران سنڌ جي سمورن ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊز کي خط موڪليا ويا آهن.خط ۾ چيو ويو آهي ته سسٽم جو مقصد شفاف ۽ منصفانه هجڻ ۽ ڪرپشن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪنٽرولنگ اٿارٽي جي حيثيت سان سسٽم جي منظوري ڏني جنهن بعد سمورن چيئرمين بورڊز کي امتحاني نظام آئوٽ سورس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو