ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ سبب عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جنهن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جروار مان محمد بخش گبول مطابق سنديلا محلا ۾ ٻن ڀائرن ۾ زمين جي ورهاست تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران جوابدار نظام الدين سنديلو پنهنجي ڀاءُ امام الدين سنديلو جي گهر واري مسمات سرداران کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جوابدار اهڙي ڪارروائي ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جروار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو کڻائي وئي جتان لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو, هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. *** تلهار مان عاجز انور لاشاري مطابق ٽن ٻارڙن جو پيءُ 28 سالا زاھد چانڊيو 11 ھزار جي وولٽيج مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پول تان ڪري فوت ٿي ويو جنھن کي تلھار جي رورل ھيلٿ سينٽر پڻ آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي زاھد چانڊيو ڳوٺ موٽڻ چانڊيو جو رھواسي ھو سندس واپڊا ملازم سئوٽ سان واپڊا ڪالوني تلھار ۾ ويٺل ھو.

لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو معصوم ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي وئي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق ڳوٺ ودهيو پنهور ۾ پاڻي وارو موثر هلائڻ دوران بجلي جي تار مان نوجوان پوليس اهلڪار فاروق پنهور کي ڪرنٽ لگو جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو جتي فوت ٿي ويو وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته فاروق پنهور پوليس هيڊ ڪوارٽر حيدر آباد ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هيو موڪل تي ڳوٺ آيل هيو. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق اناج منڊي ويجھو قومي شاهراهه باءِ پاس تي سويدر محلي جو رھائشي 12 سالن جو محمد طاھر ولد ديدار سولنگي روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ روڊ تي بيٺو ھو ته سامھون ايندڙ سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سندس مٿان چڙھي وئي جنھن سبب نينگر فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش سول اسپتال شڪارپور مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. جڏھن ته پوليس پاران ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتو ويو آھي۽ ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. *** ڪنڊيارو مان اسد جعفري مطابق يوسي غلام شاهه جي چيئرمين طارق مڱريو جو ڀاءُ ذوالفقار مڱريو 35 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. مرحوم کي ڳوٺ جمن مڱريو جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاھ، ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو جي چيئرمين سيد غلام مرتضي شاھ،پ پ پ اڳواڻ سردار عثمان خان عالماڻي سميت سياسي سماجي ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










