سنڌ ۾ مختلف حادثن سبب 7 ماڻهو فوت 16 زخمي ۽ 19 گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل روڊ حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪشمور ۾ گهوٽڪي واسي هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، ڪوٽڙي ڪبير ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ کي ٽرالر چيڀاٽي ڇڏيو. شيخ ڀرڪيو ۾ پاڻي جي واري تان نوجوان قتل، پوليس حادثن جي ذميوارن ۽ مختلف ڏوهن ۾ 19 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.*** ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب انڊس ھاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل رڪشه ۾ خو فناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾گھوٽڪي واسي4 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 4 ٻيا زخمي ٿي پيا. ڪشمور پوليس موقعي تي پھچي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو .

پوليس فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪشمور پھچايو. فوتي ۽ زخمي ھڪئي خاندان جا ھئا فوتين ۾ رضامحمد شيخ، بگن شيخ، فضل الرحمان شيخ ۽ مسمات ظھران شيخ  شامل آهن. جڏھن ته زخمين ۾ مريم، اياز احمد، ظفر حسين، ۽ مسمات حرمت شامل آهن. حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو ، فوتي ۽ زخمي گھوٽڪي کان رسالدار شادي تي وڃي رھيا ھئا.****ڪوٽڙي ڪبير مان پرويزحسين ڀنڊ موجب قومي شاھراهه تي ڳوٺ واھڙ لڳ صوڀو ديرو جي رھواسي موٽر سائيڪل سوارن مٿان ٽرالر چڙھي ويو، نتيجي ۾ مسمات ڪوڙان زال غلام اڪبر لاشاري ۽ نجمه زال علي حسن لاشاري چيڀاٽجي فوت ٿي ويون . جڏھن ته موٽر سائيڪل سوار خميسو لاشاري معجزاني طور بچي ويو, موٽر وي پوليس انسپيڪٽر اشفاق سولنگي ٽيم سميت واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي چيڀاٽيل لاشن کي ڪپڙي ۾ ويڙھي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. ٽرالر نمبر 5986 JV ۽ ڊرائيور محمد شفيق پٽ محمد شريف اعواڻ ويٺل ميانوالي کي ڪوٽڙي ڪبير پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي. *** ھالاڻي مان طارق جان سهتو  موجب  محبت ديرو لنڪ روڊ تي کان تيز رفتار ڪرولا  ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي  روڊ ڀرسان سواري جي انتظار ۾ بيٺل ٻن نوجوانن مٿان چڙهي وئي جنهن سبب ڳوٺ ڪوڙو خان رند جي رھواسي  ٻـ نوجوان بشير رند ۽ گل محمد رند سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن کڻائي رورل ھليٿ سينٽر هالاڻي پھچايو جتي زخمين جي ملم پٽي بعد حالت خراب هجڻ سبب ۽ ھالاڻي اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ سبب   نواب شاھ اسپتال نيو ويو جڏھن ته  ڪار ڊارئيور نديم نواز ڪلو کي ڳوٺاڻن پڪڙي ھالاڻي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.*** ڊرگهه بالا  مان اسماعيل لانگاهه موجب حاجي خان موري وٽان ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 سالا نينگر نديم، سونو لغاري ۽ عبدالرحمان رودناڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ فوري طور تي تعلقه اسپتال جوهي نيو ويو ياد رهي ته ڊرگهه بالا روڊ جي بدتر حالت سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن طرفان چونڊيل نمائندن کان روڊ جي فوري مرمت جو مطالبو ڪيو آهي.***سانگهڙ مان نادر بڙدي موجب لٽڪو موري اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جو پاڻ ۾ آمهون سان ٽڪر ٿي پيو  جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال سانگهڙ  پهچايو ويو  جتان ٽنهي زخمين جي  حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وارث کين نوابشاه کڻائي ويا.

زخمين ۾ 30 سالا غلام حيدر  13 سالا احتشام ۽ ڏھ سالا سانول  شامل آھن.*** شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب سيري ٿاڻي جي حد ڳوٺ  جعفر رند ۾ پاڻي جي واري تي ويل نوجوان علي اڪبر جمالي اغوا بعد قتل، اطلاع تي ايس ايڇ او انور خانزادو پوليس پارٽي سان واقعي واري هنڌ پهچي ويو  پوليس مقتول علي اڪبر جمالي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو  وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لا  غلام رسول جمالي نيڪ محمد جمالي علي شير جمالي محمد موسي جمالي جي اڳواڻي ۾ لاش ايمبولينس ۾ کڻائي سيري ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.پوليس ٿاڻي جو مک دروازو بند ڪري ڇڏيو ، مظاهرين حيدراباد ٽنڊي محمد خان روڊ تي احتجاج ڪيو  ان موقعي تي مقتول  نوجوان  جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان رات زرعي زمين تي پاڻي جي واري تي ويل هو جنهن کي اغوا ڪري بعد ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي نوجوان جي قتل ۾ رند برادري جا ماڻھو ملوث آهن  جن کي گرفتار ڪيو وڃي، اڃاتائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته پوليس عظيم رند  کي گرفتار ڪري ورتو آهي. *** ڪنب مان صفدرچانڊيو  موجب ڳوٺ جان محمد تمراڻي ۾ 20 سالا نوجوان ناري مهڪ فاطمه گوپانگ کي جوابدرن گهر ۾ گهڙي مبينا کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ,رڙيون ڪرڻ تي پاڙيوارا پهچي ويا ويندي ويندي جوابدارن ناري کي نرڙ ۾ ڪاتي وهائي ڪڍي. زخمي ناري کي ڪنب ٿاڻي تان ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال نيو ويو ڪنب ٿاڻي تي ٽن جوابدارن مٿان اين سي داخل ڪنب پوليس جي سستي سبب ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي. ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته مان پنهنجي ڌيء جو نڪاح اٺ ڏينهن پهريان نديم علي گوپانگ سان ڪرايو آھي تنهن تي جوابدار ناراض هئا.*** ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ڊوڪيا واھ اسٽاپ لڳ ڏندو روڊ تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار اسماعيل سميت سندس 2 سالا پٽ ايمان ۽ گهرواري شاهده سولنگي   زخمي ٿي پيا جن کي طبعي علاج لاء  ٽنڊو غلام حيدر جي تعلقه اسپتال آندو ويو ۽ هڪ  زخمي اسماعيل کي ريفر ليٽر ڏيئي سول اسپتال حيدرآباد موڪليو ويو آهي ٻي طرف واقعي واري جاء تي ٽنڊو غلام حيدر پوليس پهچي ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.***سکر مان امداد علي ڪلوڙ موجب پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي هدايت تي ايس ايڇ او سانگي سميت مختلف علائقن جي پوليس ڪاروائين دوران  اشتهاري ، جواري ۽ منشيات گٽڪا وڪرو ڪندڙ 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾پنجل جتوئي، نور الدين ، وسيم، اشتهاري اعجاز علي، حسن، صدام، جوارين ۾ ثناءُ الله ، عبدالله غني، عمر سبحان، سجاد عارف، عاصف، ممتاز ۽ ٻيا شامل آهن.*** گهوٽڪي مان عرفان سمون موجب بي سيڪشن گهوٽڪي جي پوليس گذريل رات گشت دوران مهيسرو ويجهو ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل روپوش ڏوهاري سلطان ولد خداڏنو بلو ڳوٺ بدر بلو جو رهواسي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو .***گهوٽڪي لڳ سرحد پوليس پاران واڳڻي چوڪي کاهي دڙو وٽ ڏوهارين سان مبينا طور مقابلي بعد ٻن ڏوهارين علي نواز ڀيري ۽ عارف عارباڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سرحد پوليس ٻنهي زخمين کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس پاران ٻنهي جوابدارن مٿان سرحد ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو