سنڌ ۾ مارڪيٽن جا هفتيوار موڪلن وارا ڏينهن ٻيهر تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت سموري صوبي ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽن جا هفتيوار 2 موڪلن جا ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر تبديل ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ حڪومت  سموري صوبي ۾ واپاري مرڪز ۽ بازارن جي هفتيوار موڪل وارن ڏينهن کي تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  سموري صوبي ۾ سموريون بازارون، مارڪيٽون، شاپنگ پلازه ۽ ڪاروباري مرڪز ايندڙ هفتي کان جمعي ۽ آچر تي بند رهندا.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن دير سان جاري  ٿيڻ سبب اڄ سموري سنڌ  ۾ واپاري مرڪز معمول موجب کليل رهيا. ڇو ته عيد کان اڳ ڇنڇر ۽ آچر تي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا.واضح رهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جمعي ۽ آچر کي محفوظ ڏينهن قرار ڏنو آهي. هلندڙ هفتي  سنڌ ۾ صرف هڪ آچر جي ڏينهن کي محفوظ ڏينهن مڃيو ويندو. ٻئي طرف آل سٽي واپاري تنظيم جي سربراهه شرجيل ڪوپلاني چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پراڻي نوٽيفڪيشن موجب ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل هئي. نئين نوٽيفڪيشن ۾ تبديلي ڪري جمعي ۽ آچر ٻه ڏينهن موڪل ڪئي وئي. هن چيو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ نئين نوٽيفڪيشن موجب ڇنڇر جي ڏينهن مارڪيٽون کولڻ جي اجازت ڏني آهي.ڇنڇر تي شهر جا سمورا واپاري مرڪز شاپنگ مالز  ايس او پيز تحت کليل رهندا. شرجيل ڪوپلاني جو چوڻ هو ته نوٽيفڪيشن جي دير سان جاري ٿيڻ سبب اڄ سمورو ڏينهن واپاري برادري ٻڏتر جو شڪار رهي جنهن سبب سبب ڪيترائي ڪاروباري مرڪز بند رهيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو