ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ورتل اپائن جي سلسلي ۾ ننڍن وڏن شهرن ۾ دوڪان ۽ هوٽل ۽ عوامي تفريح جي جاين کي بند ڪرائڻ سبب لکين ڏهاڙي دار مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن. ننڍي ڪاروبار وارا ماڻهو به پريشان آهن ۽ اڪثر شهرن مان پوليس جي زيادتين ۽ اختيارن جي غلط استعمال جون شڪايتون ملي رهيو آهن.
جيڪب آباد، ٺل، ڳڙهي خيرو، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، لکي، خانپور، مدئجي، لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، بينظيرآباد، مٽياري، شهدادپور، حيدرآباد، ٺٽو، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن مان نمائندن موجب پوليس هوٽل، ٽرانسپورٽ جي اڏن تي سختي ڪئي آهي. سونارڪي، ڪپڙن، آٽو موبائلز، هارڊ ويئر، لوهه ۽ ٻين ڪاروباري دوڪانن کي زبردستي بند ڪرايو ويو. آهي. سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خيراتي ادارن سان ملي هر تعلقي سطح تي غريبن لاءِ مفت کاڌي جو انٽطام ڪيو وڃي.