سنڌ ۾ شين جا نوان اگھه چوٽ چڙهيل، کير 100 رپيا ليٽر مقرر

حيدرآباد (ن سنڌ يار) حيدرآباد ضلعي جي پرائيز ڪنٽرول ڪاميٽي کير سميت عام واهپي جي شين جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڊسٽرڪٽ پرائيز ڪنٽرول ڪاميٽي جو اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو قائم اڪبر نمائي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ کير جو نئون اگهه 100 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ڌونئري جو اگهه 120 رپيا، ڇيلي جي گوشت جو اگهه هڪ هزار رپيا في ڪلو، وڏي گوشت جو اگهه 450 رپيا ۽ ننڍن جانورن جو گوشت 500 رپيا في ڪلو مقرر ٿيو آهي. کنڊ مل جي اگهه کان ريزڪي تي صرف 2 رپيا وڌيڪ وڪرو ڪري سگهبي. اٽي، سوجي، ميدي ۽ ڪجهه ٻين شين جو اگهه اڃا مقرر نه ٿيو آهي جنهن لاءِ ڪراچي ۽ سکر جون ريٽ لسٽون گهرايون ويون آهن. نون اگهن جو جيتوڻيڪ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي پر ذريعن موجب انهن اگهن تي رمضان مهيني دوران سختي سان عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو