سنڌ ۾ سچ ڳالهائڻ تي صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي: فواد چوڌري

سنڌ ۾ سچ ڳالهائڻ تي صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته فاشزم جي عملي تصوير سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي جتي سچ ڳالهائڻ تي صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته سنڌ جو پئسو ٻين صوبن ۾ حڪومتون ٺاهڻ ۽ تختو اونڌو ڪرڻ تي استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري عام ماڻهو جي زندگي اجڙي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو