ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪورونا وائرس جوڀارت وارو ڊيلٽا ويرينٽ سنڌ ۾ پکيڙ روڪڻ لاءِ سومر کان تعليمي ادارا ۽ درگاهون بند ڪرڻ جو فيصلو، شادي هالز ۽ ٻين تقريبن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا انهن جي موبائل سم بلاڪ ڪئي ويندي. سومر کان شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽس صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کوليا ويندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيوويو تھ جمعي ۽ آچر تي مارڪيٽس بند رهندا، تعليمي ادارن ۾ ساليانا امتحان شيڊول تحت ٿيندا، سرڪاري ۽ نجي آفيسز ۾ 50 سيڪڙو عملو هوندو، سومر کان ريسٽورنٽس ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي پابندي هوندي پر ٽيڪ اوي جي اجازت ڏني وئي آهي.










