سنڌ ۾ بهار جو پهريون ڳڙي سان وسڪارو،  بجلي بند

سنڌ ۾ بهار جو پهريون ڳڙي سان وسڪارو، بجلي بند

دادو (عزيزالله خاصخيلي) سنڌ جي مختلف ضلعن جيان بهار جو پهريون وسڪارو شروع ٿي ويو آهي. دادو ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ بعد واپڊا طرفان بجلي بند مونسپل جي ڪارگردگي زيرو برابر شھر جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا شھر تلاء جي صورت اختيار ڪري ويو شھرين کي اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ميونسپل ڪاميٽي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪي به اپاء ناهن ورتاء دادو شھر برسات جي پاڻي حوالي جڏهن شھري پنهنجي مدد پاڻ گهرن ۽ دڪانن اڳيان بيٺل برسات جو پاڻي ڪڍڻ لڳا. ***مورو  مان مورائي اياز سولنگي موجب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا ۽ برسات سان گڏ ڳڙو به پيو جنھن سبب  علائقي ۾ بيٺل ڪڻڪ ،سرنھن ،سبزين سميت فصلن کي نقصان رسيو آھي ، آبادگارن ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ فصلن جي پوکائي تمام گھڻي ٿيندي آھي جنھن ڪري فصلن کي ڪاپاري نقصان پهتو آھي، تيز بارش ۽ ڳڙي سبب شھر جي مختلف روڊ رستن ۽ هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آھي.

جنهن سبب شھرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آھي مورو جي ميونسپل ضلعي جي واحد ميونسپل آھي سوين ملازم هوندي به شھري پنهنجي مدد پاڻ تحت صفائي ڪري رهيا آهن. *** ڪشمور مان جي ايم کوسو  موجب سڄي ضلعي ۾ طوفاني بارش ۽ ڳڙي سميت ڪشمور ضلعي ۾ پوکيل ڪڻڪ، مٽر،سرنھن ۽ لوسڻ جي پوک کي سخت نقصان پهتو آهي. ڪشمور ضلعي ۾ ڪڻڪ جي فصل کي وائرس جي ڪري اڳ ۾ ئي ڪاپاري ڌڪ رسيو ته ٻئي طرف ماڪڙ جي حملي ڪري ڪشمور ضلعي ۾ پوکيل ڌاڻن جو فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو.

آبادگار ۽ ھارين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳ ۾ خريف جي فصل سارين کي ناقص ٻج جي ڪري مقصان ٿيو هاڻي ربيع ۾ ڪڻڪ جي فصل ڳڙي سبب تباھ ٿي چڪو آھي. آبادگارن۽ ھارين چيو ته ڪشمور ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي ۽ آبادگارن زرعي بينڪ ۽ ٻين ڪمرشل بينڪن کان ورتل قرض معاف ڪيا وڃن، ڍل، آبيانو معاف ڪيا وڃن ۽ايندڙ فصل لاء ٻج ۽ ڀاڻ پڻ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو