سنڌ ۾ برسات، زندگي مفلوج، بجلي غائب. 2 فوت ڪيترائي زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر، خيرپور ، گهوٽڪي، شهداد ڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ بعد روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، سکر ۾ هڪ عورت فوت ۽ 15 زخمي آحن، شهداد ڪوٽ ۾ هڪ سخص فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي بند آهي. سکر، روهڙي، پير ڳوٺ، ڪنڌرا ۽ ٻين علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي وقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. شهدادڪوٽ ۾ گذريل رات ٿيل طوفاني برسات سبب ڳوٺ ڪور ڏاتو ۾ طوفاني برسات ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نوجوان عبدالغني بروهي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاڻيجو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن واقعي بعد عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ علائقي سوڳ جي فضا ڇائنجي وئي. سيپڪو ترجمان موجب 9 فيڊرز بحال ٿي ويا آهن، باقي 51 جو مرمتي ڪم جاري آهي: صوبائي وزير ناصر شاهه طرفان سکر شهر جي مختلف علائقن جَي دوري دوران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل عملدار مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، قرباني جي جانورن جي باقيات کڻڻ ۽ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ عملي کي چنڊ پٽيندي فوري ڪاروائي جو حڪم، ڏنو. نئين گاج ۾ آيل تازي ٻوڏ سبب هزارين گهر اجڙيل ماروئڙن کان عيد به وسري وئي گهرن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل پکڙن, منهن, ۾ ڏينهن راتيون ڪٽڻ لڳا شهرن کان رابطو بدستور ڪٽيل کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ بک بيمارين, سبب متاثر ماڻھن جي زندگين کي خطرو رستا ٽُٽل هئڻ ڪري شهرن تائين پهچڻ ڏُکيو ٿي ويو آهي, جڏھن ته تڪ جي ايم اين اي ۽ ضلعي انتظاميه پاران هنگامي بنيادن تي بحال ڪيل رستا ڪنهن ڪم جا به نه, وڏي ٽرانسپورٽ جو رابطو بدستور ڪٽيل, موٽر سائيڪلن لاء رستو بحال ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

وڏين گاڏين جا رابطا بحال نه ٿيڻ ڪري کاڌي پيتي جي شين جي رسائي ناممڪن بڻيل جنهن ڪري مهانگائي وڌڻ لڳي اگهن ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو اسپتالن ۾ عملو نه پهچڻ ڪري بيمار ماڻھن جي زندگين لاء خطرو وڌي ويو علائقي واسين جي پريشانين ۾ اضافو جڏھن ته رستا ڪٽيل هئڻ ڪري ٻوڏ کان پهرين گهرن ڏانهن ويل صحت کاتي جا عملدار واپس نه موٽي سگهيا ٻوڏ کان پوء شديد گُهٽ ٻُوسٽ ۽ گرمي سبب گيسٽرو وڌڻ جو خطرو صحت کاتي به اُپاءُ نه ورتا عملو غائب, بيمار ماڻھون گهرن ۾ بيحال ٿيڻ لڳا هوڏانهن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه پاران گاج بند جي ٽُٽل حصن کي مرمت ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو گاج بند وفاق جو منصوبو آهي ۽ ڪم انکي ڪرائڻو هو, ٻي طرف ذريعن موجب سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ سياسي ويڙھاند ۽ ڪرپشن سبب وفاق سنڌ کي فنڊز جاري نه ڪيا بند کي گذريل سال پيل چار هزار ڦُٽ وارن گهارن کي هيلوڪي ٻوڏ ڪافي حصن کي  وڌيڪ لوڙھي ڇڏيو ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهين کي وفاق ۽ سنڌ پنهنجي ذميواري سمجهڻ بجاء علائقي واسين جي ذميواري سمجهي ڪنڌ ڪڍائي ويا. 

پهنجو تبصرو موڪليو