سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به بارش جي تباهي، بجلي غائب، اڪثر رستن تي تلاءَ،12 فوت ڪيترائي زخمي

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به بارش جي تباهي، بجلي غائب، اڪثر رستن تي تلاءَ،12 فوت ڪيترائي زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) آچر تي به ڪراچي ۾ برسات جاري، رات تائين 192 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ايڌي موجب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ۽ قصبه ڪالوني ۽ ڀٽا وليج ۾ ڇتيون ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڇنڇر ۽ آچر تي برسات سبب بجلي جي ڪرنٽ سبب مرندڙن جو انگ 12 ٿي ويو آهي. اڪثر علائقن ۾ بجلي بند آهي، شاهراهه فيصل سميت اڪثر روڊن تي پاڻي بيٺل ڊرگ روڊ پل کان هيٺ ناٿا خان وٽ 4 فٽ پاڻي بيٺل آهي، واٽر بورڊ جو ڪيتريون ئي پمپمنگ اسٽيشن بند هئڻ سبب ڪراچي 25 ڪروڙ گيلن پاڻي معمول کان گهٽ سپلاءِ ٿيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب سندن بجلي گهرن ۾ پاڻي اچي ويو آهي شهري حڪومت ايمرجنسي جو اعلان ڪري.ڪراچي جي ميئر وسيم اختر به مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي کي آفت سٽيل شهر قرار ڏنو وڃي. اڪثر روڊن تي پاڻي جا تلاءَ نظر اچن ٿا. سڀ کان وڌيڪ بارش سورجاڻي ٽائون ۾ 151 ملي ميٽر ۽ گلشن حديد ۾ 149 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي آهي. وڏي وزير روڊن تي بيٺل پاڻي ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي.رينجرز جا جوان به بحالي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

رينجرز وارا پاڻي ڪڍڻ واري ڪم ۾ سرگرم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيزهوا ۽ گجگوڙ سان برسات سببڇنڇر تي 7ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، بجلي جي ڪرنٽ ۽ وڄ ڪرڻ سبب 18 ٻڪريون ۽ 7 ڍڳيون مري ويون آهن. برسات سب ڪيترن جاين تي ڀتيون ڪرڻ، تيز هوا سبب چتيون ث سائن بورڊ پٽجڻ جا به اطلاع آهن، ڪيترن علائقن ۾ فصلن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ***مٺي مان لياقت نهڙيو موجب برسات بعد موسم خوشگوار ٿي آهي، نديون ۽ نئيون وهي آيون آهن. پنهنجي والد سان گڏ ويندي ندي مان گذرندي ڳوٺ ڀٽين جي ويري ۾ موڙي ڪولهي جا ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ 11 سالا هيمان ڪولهي ۽ 8 سالن جي تيجان ڪولهي شامل آهن.

ڳوٺ ڪوئنرليو ۾ وڄ ڪرڻ سبب  تيجمال سنگهه جون 18 ٻڪريون مري ويون ۽ ويهه هنگورجا ۾ محمد موسىٰ هنگورجو جون 3 ڍڳيون مري ويون آهن. ***ڪراچي ۾ صبح جو ئي تيز برسات شروع ٿي وئي. سولجر بازار ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 17 سالن جو نوجوان ڪيف واحد سول اسپتال پهچڻ تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ساڳئي علائقي ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب بجلي جي ڪرنٽ ۾ 4 ڍڳيون مري ويون آهن. ايس ايڇ او نبي بخش موجب سولجر بازار ۾ هڪ بلڊنگ وارن کلي تاري ڇڪي آهي جنهن سبب حادثو ٿيو. ميانوالي ڪالوني ۾ به هڪ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو، جڏهن ته ٽنڊو ڄام ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب وقاض نالي نوجوان فوت ٿي ويو، جهڏو ۾ پينو فقيرياڻي اوطاق ۾ پناهه ورتي ته ڇت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي، ڳوٺ پڪا گهانگهرا ۾ ڀت ڪرڻ سبب 5 سالن جو راشد گهانگرو فوت ٿيو آهي.

تصوير دريا خان شر

ڪراچي جي مختلف علائقن نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، ڊالميا، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا، ڪلفٽن، صدر، ماڊل ڪالوني، قائد آباد، ماروي ڳوٺ، گرين سٽي، گلشن حديد، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برساتي ٿي رهي آهي. برسات دوران نيو ڪراچي، قائد آباد، پهلوان ڳوٺ، صفوران ڳوٺ، لانڍي ۽ ٻين علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو ٿيو آهي، موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪوٽڙي ڪبير ۽ آسپاس گجگوڙ سان برسات دوران گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته بدانتظامي سبب رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي ويو آهي. محرابپور، قاضي احمد، ڪنڊيارو، محبت ديرو، ڪمال ديرو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوا سان برسات پئي آهي. اُنهن علائقن ۾ نالا بند هجڻ ڪري برساتي پاڻي رستن ۽ گهٽين تي بيٺل آهي. شهباز ڪالوني ۾ جمن جتوئي ۽ عليم جتوئي جا گهر ڊهي پيا، جڏهن ته هوٽل جي ڇِت ڪرڻ سبب فقير پانڌي کوسو زخمي ٿي پيو. جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي، جنهن ڪري بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو. پکو ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ملڪاڻي شريف، کاهي، سيوهڻ ۽ شاهپور جهانيان توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي. برسات سبب بجلي بند ٿي وئي، جڏهن ته فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. برسات دوران هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ڪري رهواسين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ***ڏيپلو مان فرمان بجيرموجب برساتن جي ايمرجنسي دوران پبلڪ ھيلٿ جي ڪچن ملازمن پاران 7 مھينن کان پگھارون  نه ملڻ ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال جي ڪري شھر گندگي جو ڍيرٿي ويو آهي. روڊن تي پاڻي بيهڻ ۽ هڙتال بابت شھري عمران باغي پاران  ڊپٽي ڪمشنر شھزاد طاھر ٿھيم کي ڄاڻ ڏني ته هن ڪبير شاھ اسسٽنٽ  ڪمشنر ڏيپلو ـ برڪت علي خواجا ايڪسين پبلڪ ھيلٿ کي ھدايت ڪندي ڏيپلو ۾ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ موڪليو جنهن تي عملدارن ھڙتال تي ويٺل ڪچن ملازمن سان ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ ملازمن کي عيد کان پوء 1 آگسٽ کان ٽن مھينن لاء ڪانٽريڪٽ ليٽر جاري ڪيا ويندا ۽ ملازمن کي سڀاڻي شام تائين ڏھ ـ ڏھ ھزار پڻ ڏنا ويندا ـ جنهن کان پوء ملازمن ھڙتال ختم ڪري ايمرجنسي دوران ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.***شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو موجب صبح سان ئي سانوڻي جو ٻيو وسڪارو شروع ٿيو ته گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي ، آبادگارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ، مينهن پوڻ کانپوء وڻ ٽڻ توڙي فصل چمڪي پيا ، جڏهن تہ نوجوانن جي دادو مورو پل تي سنڌوء جي سير ۽ تازي مڇي خريداري ۾ واڌارو ٿي ويو. خانواھڻ مان عاجز امتياز نوح پوٽو موجب آس پاس جي ڳوٺن ۾ برسات گذريل ٽيھ سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن  سبب ڪيترن غريب جا گھر ڀتيون  ڪري پيون ڪيترن گھرن  جون پڪيون ڇتيون به جزوي طور متاثر ٿيون آهن. اڄ صبح  6 بجي  کان ساڍي  7 بجي  تائين ڏيڍ ڪلاڪ مينهن وٺو جنهن ۾ پورھيت  آصف  علي ملاح  جي گھر ۾ پاڻي وڃڻ سبب گھر ڪري پيو ھوڏانھن  خانواھڻ  جي مختلف محلن  ۾ عيد گاهه چوڪ  لوچي  محلا  ملاح  محلا  ڪونڌر  محلا  آوتپورمحلا  سونارو بازار سولنگي  محلا  لوھر  پاڙو  شاھي  بازار ڪلاٿ مارڪيٽ  ۾ گوڏي  جيڏو پاڻي بيھجي  ويو يوسي  انتظاميا اگھور  ننڊ ستل  بجليَ بند مواصلاتي نظام تباھ  آهي. (هي اسٽوري وقت بوقت اپ ڊيٽ ٿيندي رهندي.(

پهنجو تبصرو موڪليو