سنڌ ۾ باقي ٽن صوبن کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي: مراد شاهه

سنڌ ۾ باقي ٽن صوبن کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي: مراد شاهه

گهوٽڪي(ن س) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ باقي ٽن صوبن کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، تنقيد ڪندڙ ڀلي اچي ڏسي وٺن،گهوٽڪي ۾ جلسي کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جيترا ڪم ڪيا آهن، اُهي ڳڻڻ کان گهڻا آهن،جلسي دوران بلاول کي بريفنگ ڏني وئي گهوٽڪي ۾ 17 هزار گهرن لاءِ پئسن جي منظوري ملڻ واري آهي، جڏهن ته 2 هزار گهرن لاءِ قسط اچي چڪي آهي،وڏي وزير چيو ته بلاول پاڪستان ۾ ايندڙ 30 سالن تائين وزير اعظم طور عوام جي خدمت ڪندو، ڪجهه ڏينهن بعد اسان وٽ عهدا نه رهندا، اسان وري به عوام آڏو پيش ٿينداسين ۽ پُڇنداسين ته اسان اوهان لاءِ ڇا ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو