سنڌ ۾ ايدزوڌڻ بعد عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي، ڪلينڪ سيل

میرپورماٿيلو( رپورٽ ظھير وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ ايڊز جو مرض ظاهر ٿيڻ بعد ڪراچي کان آيل هيلٿ ڪيئرڪميشن جي ٽيم پاران صائمه ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالسميع راڄپر، ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالسميع ڪلوڙ، آفتاب دايو، محمد نواز چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرحد ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. جنهن دوران ڇاپا مار ڪاروائين ۾ عطائي ڊاڪٽرن عبدالستارميمڻ، رحيم بخش ڪورائي، ڌڻي بخش ميمڻ،  نظيراحمد پتافي سميت ٻين عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪس سيل ڪيون ويون.

ان کانسواءِ سرحد جي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر عبدالرئوف ڪلوڙ جي ڪلينڪ تي ڇاپو هڻي دوائن جو معائنو ڪيو ويو ته ان دوران مدي خارج دوائون پڻ ان جي ڪلينڪ مان مليون، جن کي ضبط ڪري ڊاڪٽر کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. ڊاڪٽر سجاد مهر جي ڪلينڪ جي دوري دوران ڊاڪٽر پاڻ موجود نه هو سندس غيرموجودگي ۾ سيکڙاٽ ڊاڪٽر ڪلينڪون هلائي رهيا هئا، جڏھن ته ڊاڪٽر جمال ڀارو کي به ڊگري جي تصديق لاءِ نوٽيس ڏنو ويو. جڏھن ته عطائي ڊاڪٽر ستارميمڻ، رحيم بخش ڪورائي، ڌڻي بخش ميمڻ، ۽ نظير احمد پتافي ٽيم جي پهچڻ کان پهريان ئي ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا. جن جي ڪلينڪس جا تالا ڀڃي کين سيل ڪيو ويو. هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صائمه ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته عطائي ڊاڪٽر انساني جانين سان کيڏي رهيا آھن ايڊز جي ڦهيلاء ۾ انهن جو گهڻو ڪردار آھي، ڇو ته هو هڪ سرنج پنج پنج ماڻھن کي هڻن ٿا، سنڌ جي اندر ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ سيل ڪيل عطائي ڪلينڪس کوليون ويون ته ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو