سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ صوبي جي شاهراهن کي گڏجي بحال ڪرڻ تي اتفاق

سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ صوبي جي شاهراهن کي گڏجي بحال ڪرڻ تي اتفاق

حيدرآباد (ن سنڌيار): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود وچ ۾ ملاقات کانپوءِ صوبي جي انفراسٽرڪچر جي صورتحال بابت رٿيل اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاق پاران هاءِ ويز کي گڏجي بحال ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اجلاس ڪمشنر آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ سکر-حيدرآباد ۽ ڄامشورو- سيهوڻ روڊن جي تعمير بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو اجلاس ۾ موجود هئا ۽ وفاقي حڪومت پاران اين ايڇ اي کان ڪميونيڪيشن/ چيئرمين اين ايڇ اي ڪيپٽن (ر) محمد خرم، ميمبر اين ايڇ اي منير ميمڻ، جنرل مينجر پلاننگ اين ايڇ اي اڪرام ثقلين، جنرل مينيجر پي پي پي اين ايڇ اي عظيم طاهر، جي ايم اين ايڇ اي افتخار محبوب، جي ايم سکر-حيدرآباد موٽروي پرڪاش شرڪت ڪئي. وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود ۽ سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم جو حيدرآباد اچڻ تي وڏي وزير ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ سکر-حيدرآباد موٽر وي M6 جي تعميراتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهي ۽ ان کي بي او ٽي تي تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن جي تعمير تي 1.37 ٽريلين رپيا لاڳت ايندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي ايم 6 هڪ اهم روڊ آهي جنهن کي سي پيڪ منصوبي ۾ نظرانداز ڪيو ويو جيڪا وفاقي پي ايس ڊي پي جي جاري اسڪيم آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ سنڌو درياهه تي پل ۽ ٺٽي بندر ۾ 190 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير هلندڙ اسڪيمن ۾ آهن، اسان چاهيون ٿا ته انهن اسڪيمن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جون نيون اسڪيمون پڻ شامل آهن جهڙوڪ سکر- ملتان (M.5) ۾ ميرپورماٿيلو انٽرچينج جي تعمير ۽ ان کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ، شهدادڪوٽ بائي پاس- عمرڪوٽ انٽرچينج، سکر روهڙي پل ۽ لياري ايلي ويٽڊ فرائيٽ ڪوريڊور جي تعمير شامل آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي رٿائن تي ڪمن بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اسعد محمود وڏي وزير کي تاخير ٿيندڙ ۽ هلندڙ اسڪيمن تي ڪم تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائيدي چيو ته سنڌ ۾ اين ايڇ اي جي پي ايس ڊي پي ۾ شامل اسڪيمن کي ترجيح ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيئرمين اين ايڇ اي سکر-حيدرآباد موٽر وي جي تعمير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اصل ۾ پشاور کان سکر تائين موٽر وي ٺاهڻ جو منصوبو هو. حيدرآباد موٽر وي 306 ڪلوميٽر ڊگهو منصوبو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت ۾ منصوبي جي ٻولي لڳي هئي جنهن ۾ وڏي رعايت گهري وئي جنهن کانپوءِ حڪومت تبديل ٿيڻ سبب منصوبي جي بڊنگ ۾ مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته منصوبي جي ٻوليءَ مڪمل ٿي چڪي آهي رڳو فيصلو ڪرڻ باقي آهي، منصوبو اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سکر- حيدرآباد موٽر وي کانسواءِ باقي سمورا موٽر وي مڪمل ٿي چڪا آهن، هي شاهراهه 6 ضلعن ڄامشورو، حيدرآباد، مٽياري، بينظير آباد، نوشهروفيروز ۽ سکر کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي ۽ سکر موٽر وي نه هجڻ سبب سنڌ جي عوام کي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اهو ئي سبب هو جو آئون وزيراعظم کي خط لکندو رهيس ۽ ذاتي طور تي عرض به ڪندو رهيس. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته آئون سمجهان ٿو ته هي 300 ارب رپين جو منصوبو آهي پر بي او ٽي جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي. هن چيو ته اين ايڇ اي، پ پ لاهور- اسلام آباد روڊن جي بحالي وارو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت 30 ارب رپين جي لاڳت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ملير ايڪسپريس وي منصوبي کي مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن تي 12 سالن جو تجربو آهي. جنهن تي وفاقي وزير اسعد محمود چيو ته حيدرآباد منصوبو اين ايڇ اي پي پي پي موڊ تي مڪمل ڪندو. وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته پشاور کان سکر تائين 14 هزار ڪلوميٽر منصوبي کي وفاقي حڪومت سي پيڪ ۾ شامل ڪيو آهي، اسان جو 306 ڪلوميٽر سکر-حيدرآباد پروجيڪٽ پي پي پي موڊ تي تعمير ڪيو پيو وڃي. هاڻي مان چاهيان ٿو ته هن منصوبي کي ڇهن مهينن ۾ فنانس ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2018 کان 22 تائين ڄامشورو، سيهوڻ روڊ جي تعمير لاءِ وزيراعظم کي 6 خط لکيا ويا جنهن ۾ هڪ خط شاهد خاقان عباسي ۽ 4 خط عمران خان کي جڏهن ته آخري خط شهباز شريف کي لکيو ويو. 2018ع ۾ مون عمران خان کي خط لکيو هو ته هن روڊ تي 225 حادثا ٿيا جن ۾ 196 ماڻهو فوت ۽ 225 زخمي ٿي چڪا آهن، هي روڊ اين ايڇ اي جو آهي جنهن جي تعمير لاءِ 2017ع ۾ وفاقي حڪومت کي 7 ارب رپيا ڏنا هئا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته روڊ جي پيڙهه جو پٿر 12 ڊسمبر 2017ع تي منهنجي موجودگيءَ ۾ رکيو ويو ان کانپوءِ روڊ تي حادثا ٿيندا رهيا ۽ ماڻهو مرندا رهيا پر روڊ جي تعمير مڪمل نه ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته مون آخري خط 20 اپريل تي وزيراعظم شهباز شريف کي لکيو هو ته روڊ جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي وزيراعظم مهرباني ڪئي ۽ اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو روڊ جي تعمير مڪمل ڪري جنهن کانپوءِ اڄ اسين هتي ويٺا آهيون ته جيئن روڊ جي تعمير جلد مڪمل ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو