ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي) سنڌ ۾ اڱاري کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن لاءِ مون سون جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي، صوبي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز کان وچولي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڇنڇر تي جاري ڪيل پنهنجي تازي اڳڪٿي ۾، موسميات کاتي چيو آهي ته “هڪ مضبوط گهٽ دٻاءَ وارو سلسلو”، جيڪو هن وقت اوڀر هندستان جي مٿان موجود آهي اهو سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي. جيڪو 23 آگسٽ تي سنڌ ۾داخل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان جي اثر هيٺ، ڪيترن ئي علائقن ۾ وچولي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي ۽ هي نئون برساتي سلسلو صوبي جي مختلف شهرن ۾ 25 آگسٽ تائين رهندو. ان دوران دادو، نوشهروفيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات وسي سگهي ٿي. هي علائقا اڳي ئي پاڻي هيٺ آيل آهن، برسات جو پاڻي بيٺل آهي، ماڻهو پريشان آهن ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن. نئين برساتي سلسلي سان هنن علائقن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه بلوچستان جي خضدار، لسبيلا ۽ حب ضلعن ۽ کيرٿر رينج ۾ مسلسل تيز برساتن سبب حب ڊيم، ٿڌو ڊيم ۽ هيٺاهين نالن تي اضافي دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب هن ڪمزور موسمي نظام جي اثر هيٺ شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڄامشورو ۾ تيز برسات جا امڪان آهن. موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.










