ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سکهر، خيرپور جيڪب آباد، سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.بجلي نه هجڻ سبب عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. لاڙ ڪاڻي ۾ تيز هوائن سبب ڪيترائي وڻ ڪري پيا آهن ۽ ڪچن گهرن کي نقصان پهتو آهي. بلوچستان جي مختلف علائقن، ڪوئٽا، چمن، پنچگور ۽ نوشڪي ۾ به ٺاهوڪو وسڪارو ٿيو آهي، نوڪنڊي، مچ، دالبندين ۽ ٻين علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ پهاڙن تي برفباري جو امڪان آهي.










