ڪراچي ( ن س) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شام سندر پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ بارشن کانپوء اڃان تائين پاڻي نيڪال ٿي نه سگھيو آهي سنڌ ۽ بلوچستان برساتن ۽ سيلابي ٻوڏ کانپوء مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي عالمي ادارن کي گھرجن ته ان مشڪل گھڙي ۾ عوام جي پاڻ مدد ڪن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مسجدن سان گڏ مندر توڙي گرجا گھرن ۾ پاڻي داخل آهي جتي عبادت لاء عوام پريشان آهي وڌيڪ ڊاڪٽر شام سندر چيو ته ھاڻ دريا سنڌ ۾ به پاڻي جي سطح گھٽ آهي پر ان جي باوجود به شھرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جو نيڪال ٿي نه سگھيو آهي پنهنجي ھندو برادري کي ھن مشڪل وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون انسانيت جو اھيو ڪم ڪيو وڃي جنهن ۾ دوکو نه ھجي سنڌ ۽ بلوچستان جون تباھ ڪاريون ڏسندي سندس دل رت جا ڳوڙھا ڳاريندو آهي










