سنڌ ڪلچرل فورم پاران استاد محمد خان جي ياد ۾ تقريب

سنڌ ڪلچرل فورم پاران استاد محمد خان جي ياد ۾ تقريب

سجاول ( ڊ ر ) سنڌ ڪلچرل فورم جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ استاد محمد خان مجيدي جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سنڌ جي نامياري مزاحمتي شاعر ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ ڀرپور انداز ۾ جاکوڙيندڙ استاد سائين محمد خان مجيديءَ جي اوڻويهين ورسي جي موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي بانيڪار ۽ چيئرمين صادق لاکو جي صدارت ۾ عباس ملاح جي اوطاق تي بيٺڪ منعقد ڪئي وئي.ورسي تقريب کي خطاب ڪندي فورم چيئرمين صادق لاکو، علي محمد مجيدي،سنڌي ادبي سنگت بٺورو جي اڳواڻ غلام نبي زئور سنڌي ادبي سنگت سجاول جي سيڪريٽري محمد ٻارڻ،اصغر ميمڻ سنڌ ڪلچرل فورم جي عباس ملاح،سانوڻ برفت، استاد عطا محمد ميربحر ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته سائين محمد خان مجيدي جيڪو پنهنجو علمي ادبي ۽ تعليمي پورهيو سنڌ جي جهوليءَ ۾ وڌو اهو سنڌ شانائتي انداز ۾ قبول ڪري کيس مانائتي مڃتا ڏيندي رهي ٿي، محمد خان مجيديءَ جي ڏنل شعور جي طاقت آھي جو سنڌ اڃان تائين پنهنجو وجود بچايو اچي، هنن وڌيڪ چيو ته محمد خان مجيدي ان وقت ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ پنهنجي گهرکان عملي طور شروعات ڪئي جڏهن نياڻين کي پڙھائڻ ڪفر ۽ گناھ سمجهيو ويندو هو سائين مجيديءَ جو سجاول وارو گهر هڪ آشرم مثل هوندو هيو جنهن ۾ ضلع سجاول جي غريب گهراڻن ۽ ڏورانهن علائقن جا ٻار اچي رهي ڪري تعليم پرائيندا هيا جن جي پڙھائي کاڌ خوراڪ جو بندوبست سائين مجيدي پاڻ ڀريندو هيو ورسي تقريب دوران سائين محمد خان مجيديءَ جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري کيس سندس علمي ادبي ۽ تعليمي پورهئي جي ادا ڪيل ڪردار تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو