سنڌ ڪابينا پاران سکر ۾ انڊسٽريل انڪليو ٺاهڻ جو فيصلو

سنڌ ڪابينا پاران سکر ۾ انڊسٽريل انڪليو ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبائي ڪابينا گذريل ٻن هفتن اندر پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ اهم ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۽ ادارن جا 7.2 ارب رپين جا پراڻا قرض معاف ڪرڻ سميت بورڊ آف روينيو تحت اي- رجسٽريشن، اي ميوٽيشن ۽ اي-ڪراپ اسيسمينٽ منصوبا شروع ڪرڻ ۽ سکر ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ انڊسٽريل انڪليو قائم ڪرڻ لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جهڙا اهم فيصلا ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪابينا جي فيصلن بابت آگاهه ڪيو.ناڻي کاتي ڪابينا کي پراڻن قرضن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (PAC) ۽ ناڻي بابت ذيلي ڪميٽي جي سفارش تحت 83-1982کان 13-2012 تائين سرڪاري کاتن ۽ ادارن کي ڏنل 7.2 ارب رپين جا قرضن کي معاف ڪري سگهجي ٿو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 83-1982 کان 93-1992ع دوران 174.863 ملين قرض پرائيويٽ پارٽين کي ڏنا ويا جيڪي ڪافي عرصي کان بقايا هئا جن جو رڪارڊ نه ته لڀجي پيو ۽ نه ئي ان جو پتو پئجي سگهيو. ڪابينا ان معاملي تي غور ڪيو ۽ سرڪاري کاتن خلاف 7204280508 رپين جي بقايا قرض کي معاف ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته خانگي ادارن/پارٽيز کي ڏنل 174863627 رپين جي قرض جي انڪوائري/جاچ ڪئي وڃي. جنهن سرڪاري کاتن جا قرض معاف ڪيا ويا انهن ۾ سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ 27.5 ملين رپيا، ٻيلو کاتي 4.5 ملين رپيا، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي (HDA) کان 62 ملين، ايڇ ڊي اي 1.4 ارب رپيا، سنڌ شگر ڪارپوريشن 40.12 ملين رپيا، سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (SRTC) 666.35 ملين، SRTC200 ملين رپيا، KTC 249.2 ملين رپيا، KTC 253.2 ملين رپيا، مڪاني ادارو نوشهروفيروز جي پگهارن لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ 263.48 ملين رپيا، ڪوٽڙي سرفيس ڊرين 26.18 ملين رپيا، حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن 450000 رپيا، ڊي سي او ٿرپارڪر 44895 رپيا، ڪي ڊي اي 839.86 ملين رپيا، ڪي ڊي اي 221.13 ملين رپيا، واپڊا 162.01 ملين رپيا، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور 900000 رپيا، خوراڪ کاتو 9.52 ملين رپيا، ڪوٽڙي سرفيس ڊرين 4.39 ملين رپيا، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (KWSB)جا 2.55 ارب رپيا ۽ ڊي سي او حيدرآباد ۾ 682.1 ملين رپيا شامل آهن. روينيو وزير مخدوم محبوب ڪابينا کي ٻڌايو ته هن وقت ڪراچي ۾ سينٽرل ڊيٽا سينٽر ذريعي ڪمپيوٽرائزڊ رڪارڊ رکيو پيو وڃي جيڪو سڄي سنڌ جي 27 سروس سينٽرن سان ڳنڍيل آهي. ڄاڻايل رڪارڊ LARMI جي سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي عوام لاءِ دستياب هوندو. ڊسٽرڪٽ مئنيجر ۽ اسسٽنٽ مئنيجر کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو عوام کي درخواست ۽ مقرر ڪيل فيس جي ادائگي تي صحيح ڪاپيون جاري ڪن. بهرحال جائيداد جي ڪاغذن جي رجسٽريشن ۽ ميوٽيشن سان لاڳاپيل خدمتون سروس سينٽرن پاران مهيا نه ڪئي وئي آهي. ان مقصد لاءِ مخدوم محبوب چيو ته هڪ نئون پروجيڪٽ LARMIS-II ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ مختلف شعبن جهڙوڪ اي-رجسٽريشن، اي-ميوٽيشن، اي-ڪراپ اسيسمينٽ ۽ ڊيٽا سينٽر جي اپ گريڊيشن وغيره شامل آهن ۽ هاڻي ان جي منظوري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي وٽ التوا هيٺ آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته LARMIS سروس سينٽرز ذريعي سافٽ ويئر تيار ڪرڻ ۽ اي-رجسٽريشن ۽ اي ميوٽيشن تي عملدرآمد لاءِ پنجاب آءِ ٽي بورڊ کان ٽيڪنيڪل مدد ورتي ويندي. ڪابينا منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.بورڊ آف روينيو ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني (SEZMC) سکر ضلعي ۾ اسٽيٽ آف آرٽ انڊسٽريل انڪليو قائم ڪرڻ لاءِ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي روڊ جي وچ ۾ واقع ديهه نندو ڪوهستان تعلقو روهڙي ۾ 400 ايڪڙ اي-1 ڪيٽيگري جي سرڪاري زمين موجود آهي. زمين جي مارڪيٽ اگهه 50 لک رپيا في ايڪڙ مقرر ڪئي وئي آهي. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه تجويز ڏني ته اها زمين سيڙپڪاري کاتي کي مفت ڏني وڃي ڇوته تجويز ڪيل انڊسٽريل اسٽيٽ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت کي هٿي ملندي. تفصيلي بحث کانپوءِ زمين جي قيمت مارڪيٽ ريٽ جو 25 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ SEZMC جي درخواست جي منظوري ڏني وئي. SEZMC ڪابينا کي گذارش ڪئي ته حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان ڊبل ڪيريج وي تي ديهه گوندر ۾ 451.37 ايڪڙ سرڪاري زمين ۽ ٻيو 500 ايڪڙ زمين ديهه گنجو ٽڪر تعلقو لطيف آباد، حيدرآباد ۾ صنعتي انڪليو قائم ڪرڻ لاءِ الاٽ ڪئي وڃي. روينيو کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته زمينن جي قيمت 1.25 ڪروڙ رپيا ۽ 1 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ڪابينا زمين جي الاٽمينٽ جي اصولي منظوري ڏيندي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا زمين جي اگهن ۽ رپورٽ تي غور ڪندي.ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان- بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن سکر کي ديهه نصيرآباد، تعلقو سکر ۾ 20 ملين رپيا في ايڪڙ مارڪيٽ اگهه تي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ ٻه ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته چلڊرن آف آڊم يو ايس اي ضلعي ڪورنگي، ديهه ڦهائي تعلقو لانڍي ۾ 5 ايڪڙ سرڪاري زمين نيوروسائيڪائٽرڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڪئي آهي. ڪابينا درخواست جي منظوري ڏيندي چلڊرن آف آڊم کي اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ 5 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي.وڏي وزير جي ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (DEPD) بابت خاص مددگار صادق ميمڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته پيرنٽس وائيس ايسوسيئيشن حڪومت کان درخواست ڪئي آهي ته هو مختلف خدمتون/سهولتون مهيا ڪن جهڙوڪه خاص تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، فيملي ٽريننگ، صحت جي سارسنڀال، علاج (تقرير، ورتاءُ، پروفيشنل ۽ فزيو) ۽ ٽرانسپائريشن فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته UJALA-I معذور ماڻهن جو علاج ڊائون سنڊروم، انٽيليڪچوئل ڊسيبلٽيز ۽ سيريبرل پالسي تحت ڪري ٿو. هن وقت 100 شاگردن کي اهي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊي ايڇ اي، اجالا 2 کي 400 اسڪوائر يارڊ جو پلاٽ الاٽ ڪيو آهي ۽ بيسمينٽ، گرائونڊ فلور کان علاوه چار ماڙ عمارت جي رٿ جي منظوري ڏني آهي. مختلف مخير حضرات پڻ سندن مدد ڪري رهيا آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته UJALA-II مختلف خدمتون مهيا ڪندو جيئن ابتدائي تربيتي سکيا، ووڪيشنل ٽريننگ، اسپيشل ايجوڪيشن، هيبليٽيشن ٿراپي سينٽر، نئين ڄاول ٻارن جي اسڪريننگ ليب، شيزوفرينڪ ڪلينڪ، هاسٽل ۽ ريسرچ ٽريننگ وغيره. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ پهريون ڀيرو آٽزم ۽ ٻين مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ سموريون سهولتون هڪ اداري ۾ فراهم ڪيون وينديون. ڪابينا فيصلو ڪيو تهDEPD کاتو UJALA سينٽر سان ڀاڱي ڀائيواري ڪندو ۽ سندس سينٽر کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سال 24-2023 ۾ 200 ملين رپين جي گرانٽ-ان فنڊ جي منظوري ڏني.محنت واري وزير سعيد غني جي تجويز تي ڪابينا ٽن سالن لاءِ SESSI جي گورننگ باڊي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بورڊ جو چيئرمين وزير محنت هوندو جڏهن ته ملازمن جي نمائندن ۾ انجنيئر ايم اي جبار، محمد جاويد ٻلواڻي، محمد دانش خان، خليل بلوچ هوندا جڏهن ته ٻين ۾ اسلم سمون، مختيار حسين، عبدالواحد شورو ۽ محمد خان ابڙو شامل هوندا، جڏهن ته سيڪريٽري ليبر ۽ سيڪريٽري ناڻو سرڪاري ميمبر هوندا. اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيمبليءَ ۾ ڪمشنر SESSI، چيئرمين اسٽينڊنگ ليبر ۽ ميڊيڪل ايڊوائيزر SESSI هوندو. وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته بورڊ جي نمائندن ۾ ٻه عورت ملازم پڻ شامل ڪيون وڃن.محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ڪابينا کي ٻڌايو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن بابت ڪا به پاليسي ناهي. ريٽائرمينٽ کانپوءِ ملازمن کي موجوده بنيادي پگهار تي 8.33 سيڪڙو شرح تي رڳو وياج ۽ بورنس سان گڏ سي پي فنڊ ملندو آهي ۽ 365 ڏينهن جي موڪلن تي انڪيشمينٽ ملندي آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو