ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ٻوڏ سبب جن 243 جاري ترقياتي اسڪيمن تي ڪم بند هو، اهو ٻيهر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ انحن جاري اسڪيمن لاءِ سوا 22 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا ريپڊ ريسپانس فورس جو دائرو پوري صوبي تائين وڌائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابيان ڪرائوڊ يعني هجوم مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ هائوس جي سيڪورٽي لاءِ سنڌ ريزرو پوليس کي تعينات ڪيو ويندو. ڪابيان پشاور پوليس لائين ۾ ڌماڪي جي شهيدن لاءِ في شهيد 10 لک ۽ في زخمي 5 لک ڏيڻ جي به منظوري ڏني. ڪابينا ٻين صوبن جي شهرين جي تازو سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس ۽ سڀني ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته انهن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪيا وڃن. سنڌ ڪابينا لوڪل گورنمينٽ ڪائونسل۾ صديق ميمڻ ۽ عبدالرحيم سومرو کي ميمبر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا حيدرآباد جي صحافين لاءِ رهائشي ڪالوني جي رجسٽريشن ۽ ٻين ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ 10 لک جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي پوسٽ گريڊ 19 هين مان 20 هين ۾ اپ گريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا چيو ته جيڪو پروجيڪٽ مڪمل ٿئي ان جي ايس اين اي ان وقت منظور ڪئي وڃي، ان کانسواءِ پروجيڪٽ رلي ٿا وڃن. سرڪاري رڪارڊ جيڪو هر کاتو پنج سالن تائين پاڻ وٽ محفوظ رکندو آهي ان بعد ان کي دجيٽائيز ڪري محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي به منظوري ڏني وئي. جنهن ۾ روينيو جو وزير، خاص معاون طارق حسن، سيڪريٽري جي اي ۽ سيڪريٽري آرڪائيوز کي ميمبر بنايو ويو.










