ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ ڪابينا ٻيلن جي ترقي بابت نئين پاليسي منظور ڪري ڇڏي آهي.“سنڌ سسٽين ايبل (پائيدار) فاريسٽ مينجمينٽ پاليسي 2019” جي نالي سان منظور ڪيل پاليسي هيٺ زندگي جي گذر بسر لاءِ في ماڻهو 40 ايڪڙ، لوڪل پارٽنر شپ ۾ 100 کان 1000 ايڪڙ، ڪمرشل پارٽنرشپ ۾ 1100 کان 5000 ايڪڙ، پرائيويٽ ڪارپوريٽ پارٽنر شپ هيٺ 6000 کان 10000 ايڪڙ ۽ ڪارپوريٽ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لسٽڊ ڪمپنيز کي 11000 کان 25 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويندي. زمين جي ليز حاصل ڪندڙ تي ٻيلو پوکڻ لازم هوندو.

جيڪو پهرين سال وڻ پوکيندو ان کي وڻن جي تيار ٿيڻ بعد وڪري مان 65 سيڪڙو منافعو ملندو، ٻئي سال ٻيلو پوکيندڙ کي 55 سيڪڙو، ٽئين سال وڻ پوکڻ واري کي 45 سيڪڙو، چوٿين سال واري کي 35 ۽ پنجين سال ٻيلو پوکڻ واري وڻن جي وڪري جي منافعي مان 25 سيڪڙو ملندو. ليز جي فيس وڌائي 8000 کان 12000 روپيا في ايڪڙ ڪئي وئي آهي ۽ سيڪورٽي ڊپازٽ ۾ به واڌارو ڪيو ويو آهي. نئين پاليسي جي منظوري بعد هاڻي رولز ٺهندا جنهن بعد حڪومت ليز لاءِ اشتهار ڏيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ خميس 21 نومبر تي ٿيل اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي. نئين پاليسي جو خالق چيف ڪنزرويٽر اعجاز علي نظاماڻي آهي جنهن وڏين مخالفتن جي باوجود ذاتي دلچسپي وٺي پاليسي منظور ڪرائي.










