سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون

سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس ۾ بدلين ۽ بدلين تحت ساجد سدوزئي کي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کي شڪارپور بدلي ڪيو ويو.ڊاڪٽر فرخ رضا کي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ بشير بروهي کي ايس پي آپريشن ون سي ٽي ڊي مقرر ڪيو ويو آهي.عرفان سمون کي ضلعي ڪشمور ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران قريشي کي بدلي ڪري اي آءِ جي ايسٽ مئنيجمينٽ سي پي او مقرر ڪيو ويو آهي.عابد بلوچ کي ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ظاهرا پروين کي ايس پي ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو آهي.سنڌ پوليس جي محروز علي کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو