ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس جي 112 اهلڪارن کي منشيات فروشن جي سرپرست هجڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي عهدن تان هٽايو ويو آهي سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن جي سرپرست هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل جي لسٽ تيار ڪئي وئي سمورن اهلڪارن کي معطل ڪري سنڌ ريزور پوليس ۾ بدلي ڪيو ويو ڪراچي رينج جا 15، حيدرآباد رينج جا 64، ميرپورخاص جا 20، سکر جا 13 ۽ لاڙڪاڻو رينج جا 3 اهلڪار لسٽ ۾ شامل آهن جن ۾ ڪراچي جي اهلڪارن جو تعلق ڊسٽرڪٽ ويسٽ، سينٽرل، ملير ۽ سٽي سان آهي ڊسٽرڪت سينترل جا 6، ڊسٽرڪٽ ملير جا 4، ڊسٽرڪٽ سٽي جا 3 ۽ ڊسٽرڪٽ ويسٽ جا 2 اهلڪار ملوث هئا سمورن اهلڪارن کي منشيات جي سرپرستي ۾ ملوث هئڻ کان پوءِ کين عهدن تان هٽايو ويو آهي.










