حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ دفعو ٻيهر فيل اميدوار کي انٽرويو لاءِ گهرائي ورتو، 18421 رول نمبر رکندڙ اميدوار فيل هجڻ باوجود به کيس انٽرويو ۾ شامل ڪيو ويو ، ميڊيا ۾ خبر هلڻ بعد ترجمان غلطي جو جواز ڄاڻائي کيس آئوٽ ڪيو ، ترجمان ايس پي سي موجب اڄ انٽرويو رٿيل هئا، اڄ ئي لسٽ اپ ڊيٽ ڪري 1842 رول نمبر رکندڙ اميدوار کي شامل ڪيو ويو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ادارو بند آهي ۽ اسٽاف به ناهي، ان ڪري ٻيهر ڪاپي پيسٽ ۾ غلطي ٿي آهي، ترجمان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته مون کان ئي ڪاپي پيسٽ ۾ غلطي ٿي آهي، 17421 جي جاءِ تي 18421 ٿي ويو. جنهن کي درست ڪيو ويو آهي.










