ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا چيئرمين زڪوات ڪائونسل جي عهدي تان جسٽس (ر) غلام سرور ڪورائي جي استعيفا قبول ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سابق جج جسٽس محمد اقبال مهر کي سندس جاءِ تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

نئين مقرر ڪيل چيئرمين سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت منهنجي مرضي معلوم ڪئي هئي ۽ مون رضامندي ظاهر ڪئي هئي، نوٽيفڪيشن بعد چارج سنڀاليندس. ڪابينا مفتي حق النبي کي زڪوات ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي.










