سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾گرين ماحول  جا مقابلا، سرٽيفڪيٽ تقسيم

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾گرين ماحول جا مقابلا، سرٽيفڪيٽ تقسيم

لاڙڪاڻو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ بي بي اي 2 ڪي 21 بئچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ “آرگنائزيشنل بيهويئر پروجيڪٽ ڪامپٽيشن” جي عنوان هيٺ سنڌي ثقافتي سجاڳي، ڪاروبار جو جمالياتي وڻ ۽ گرين ماحول بابت ڪورس ٽيچر علي مصطفيٰ ابڙو جي نگراني هيٺ مقابلا ڪرايا ويا. ان دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ذهانت جو خوب استعمال ڪندي پنهنجي پنهنجي ڏنل ٽاسڪ کي دلچسپيءَ سان مڪمل ڪيو ۽ ڪئمپس جي عمارت جي ڀتين کي خوبصورت پيٽنگس، ثقافتي رنگن توڙي ننڍڙين لائبريرين جيان سينگاري پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي سربراهي ۾ پروفيسر ڄام جمالي، پروفيسر ايوب گاد، اندرا مغل ۽ سوهائي اصغر ابڙو تي مشمتل 5 رڪني جج ڪاميٽي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جذبي جي ساراهه ڪندي پهرين پوزيشن ڪاروبار جو جمالياتي وڻ پروجيڪٽ کي ڏني جنهن ۾ مسڪين شيخ، ڪنيز فروا بڙدي. سويرا ٻوڪ، ماهه نور ابڙو پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو. جڏهن ته ٻين پوزيشن سنڌي ثقافتي سجاڳي جي گروپ ليڊر سمير مزمل شيخ، حنا ڀٽي، اقرا طفيل شيخ حاصل ڪئي ۽ ٽين پوزيشن گرين ماحول جي وقار آدم، نبيل نور، سمير ڀٽي، مهراڻ خان ابڙو کي ڏني وئي.پوزيشن کڻندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏئي سندس جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪئمپس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ علي مصطفيٰ ابڙو کين سٺو پليٽ فارم مھيا ڪيو آهي، پروجيڪٽ جو مقصد نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن کي ھمٿائڻ سان گڏ شاگردن جو ڌيان نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين ڏانھن ڇڪائڻ آھي، مستقبل ۾ به اهڙي قسم جا مقابلا ڪرايا ويندا ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ هو بهتر نموني پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي پنهنجي ٻارن لاءِ تعليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا ڇو ته مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليمي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرو وائيس چانسلر شاگردن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي ذاتي صلاحيتن کي نکاري ۽ پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪري انهن شعبن ۾ شموليت اختيار ڪن جتي انهن جي ضرورت آهي. هن چيو ته تعليم ترقي جو مکيه جز آهي ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي جون منزلون طئي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين نوجوان نسل تعليم جي زيور سان آراسته ٿي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو