سنڌ يونيورسٽي جي فيس گهٽايو،مختلف شهرن ۾ احتجاج

سنڌ يونيورسٽي جي فيس گهٽايو،مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران فيس ۾ واڌ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. شاگردن مطالبو ڪيو ته فيس ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. سکر مان جئيرام موجب فيس وڌائڻ جي فيصلي خلاف شاگردن  سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي فيسن ۾ اضافو ڪري شاگردن ۽ انهن جي والدين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي انهن چيو ته يونيورسٽي ۾ اضافي فيسون وٺڻ سبب شاگرد پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پريشان آهن ۽ ڪيترائي شاگرد پڙهائي کان محروم ٿي ويندا انهن سنڌ جي تعليم جي وزير ۽ ٻين اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي ته وڌندڙ فيسن جي معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردن جو مستقبل محفوظ ڪيو وڃي.***نوشھروفيروز مان اسد علي عمراڻي موجب سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان فيسن ۾ واڌ خلاف نوشھروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳوڻن فرهاد مستوئي ڪامريڊ اسد چانڊيو معراج سنڌي بشير احمد سولنگي نور راجپر شهباز مستوئي فياض شيخ ۽ ٻين جي ڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري تعليم دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، يونيورسٽي انتظاميا ۽ پ پ جي سنڌ سرڪار غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسڻ چاهين ٿا، هٿ وٺي تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان مالي بحران جو جواز ڄاڻائي غريب شاگردن جي کيسي تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي سخت احتجاج بعد وڌايل فيسن ۾ صرف پنجاهه سيڪڙو گهٽتائي ڪري شاگردن جي احتجاج کي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان فيسن ۾ پنجاهه سيڪڙو گهٽتائي کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا. *** ٺٽو  مان جاويد لطيف ميمڻ موجب سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران يونيورسٽي جي شاگردن جي فيس ۾ حد کان وڌيڪ واڌ ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو پريس ڪلب مڪلي ۾ صوفي صدام سنڌي، امتياز ميمڻ، ياسر جاکرو، سلمان جاکرو، افضل ميمڻ، فداحسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي چيو تہ سنڌ يونيورسٽي پاران سنڌي غريب شاگردن کان تعليم کسڻ جي سازش ڪري فيس ۾ حد کان وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا شاگردن سان وڏي ناانصافي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو