سنڌ ورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن مٿان داخل ڪيسن خلاف احتجاج جي حمايت

سنڌ ورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن مٿان داخل ڪيسن خلاف احتجاج جي حمايت

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي استادن مٿان داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن خلاف يونيورسٽي جي استادن پاران سموري سنڌ ۾ احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ٻن استادن ڊاڪٽر پسند کوسو ۽ يونس لغاري مٿان داخل ايف آئي آر سڌي سئين نگران حڪومت جي دهشتگردي آهي. سنڌ جي يورنيورسٽين جي پرامن ماحول کي بگاڙڻ جا اصل ذميوار سنڌ جو گهرو وزير مقبول باقر، برگيڊيئر حارث ۽ انسپيڪٽر جنرل رفعت مختيار آهن. جن جي منظوري سان استادن ۽ شاگردن مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ وڏا نعرا هڻائي سنڌ جي تعليم کي تباه ڪيو ويو، هاڻ غير جمهوري قوتن جي اشاري تي وڏا نعرا هڻائي اهي غير جمهورري قوتون سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن تي سڌي طرح اچڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته هيءَ ايف آئي آر شروعات آهي سڀاڻي ڪو به وي سي، شعبي جو هيڊ بچيل نه هوندو. تعليمي ادارن ۾ غير جمهوري قوتن جي اثر رسوخ سبب ادارا تباه ٿي ويا آهن. تعليمي ادارن ۾ بليڪ ميلرن جي ٻيگهي متل آهي. بليڪ ميلرن کي ڇوٽ ڏئي شاگردن کي خودڪشين تي مجبور ڪيو ويو، شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ هاڻي استادن کي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ يونيورسٽي جي استادن ڊاڪٽر پسند کوسو ۽ يونس لغاري مٿان داخل ايف آئي آر کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري استادن کي بليڪ ميل ڪري تعليمي ادارن کي يرغمال ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌ جا تعليمي ادارا خانگائڻ لاءِ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي پکيڙي پئي وڃي. ملڪ جا حڪمران سمورو ملڪ وڪڻڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪوڙا ڪيس ڪري يونيورسٽي جو ماحول بگاڙيندڙ تعليم دشمن مافيا کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو