سنڌ وارا خبردار، ايندڙ هفتي گرمي وڌي ويندي، هيٽ اسٽروڪ جو خطرو

سنڌ وارا خبردار، ايندڙ هفتي گرمي وڌي ويندي، هيٽ اسٽروڪ جو خطرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ هفتي ڪراچي سميت سنڌ ۾ گرمي وڌي ويندي ۽ شهرين کي گهرجي ته هو گرمي کان بچاءَ لاءِ انتظام ڪن. موسميات کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين مئي کان 3 مئي تائين گرمي جو پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي ۽ هيٽ اسٽروڪ جا واقعا ٿي سگهن ٿا. مغربي هوائن جو سلسلو گهٽ ٿيڻ ڪري گرمي وڌي ويندي. موسميات کاتي عوام کي صلاح ڏني آهي ته هو اس ۾ رهڻ ۽ خاص ڪري 12 کان 3 وڳي جي وچ ۾ ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن، پاڻي وڌ کان وڌ پيئڻ گهرجي ۽ بوتل پاڻ سان گڏ رکو، مٿي تي ڪپڙو رکو يا پي ڪيپ پايو.

پهنجو تبصرو موڪليو