ڪراچي (نمائندن وٽان) دنيا جي مختلف ملڪن جيان سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري پنهنجو مقدس ڏڻ هولي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو سکر، بينظير آباد سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ هندو برادري جا مرد توڙي عورتون. پوڙها توڙي ٻار رنگن ۾ رنگجي ويا. مختلف شهرن ۾ ڪجهه مسلمان ڀائرن پڻ سندن خوشين ۾ شريڪ ٿي مثال قائم ڪيو. ميرپور خاص کان سيد رياض شاهه موجب ڊگهڙي، ڪوٽ غلام محمد سميت اڪثر شهرن ۾ هولي ملهائي وئي. عمر ڪوٽ ۾ پڻ نمائندي موجب مختلف علائقن ۾ هولي جون تقريبون ٿيون. گهوٽڪي مان عرفان سومرو موجب ھولي جو تھوار وڏي ڌوم ڌام سان ملھايو ويو ، گھوٽڪي ضلعو ھولي جي پيار پريت ۽ محبت جي رنگن ۾ رنڱجي ويو گھوٽڪي ضلعي جي تقريبن سمورن شھرن ھر ھڪ گھوٽڪي ، پوج پتافن صاحب ، خانپورمهر ، ميرپور ماٿيلو ، ڏھرڪي ، رھڙڪي صاحب، جروار ، عادلپور،۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن۾ ھندو برادري جي ماڻھن مرد توڙي عورتن ۽ ننڍن توڙي وڏن ھولي جا رنگ ھٿن ۾ کڻي ھڪٻئي کي رنگ ھڻي ھولي جون واڌايون، مبارڪون ڏنيون ۽ مٺايون ورهايون جڏهن ته اڪثر شھرن ۾ نوجوانن پاران ايڪو سائونڊ گھرائي ، ناچ گانا ڳائي موج مستي ڪئي ھوڏانھن گهوٽڪي جي وڏي مندر ۽ ڪرشنا مندر ۾ هولي جون خاص تقريبون ٿيو جنهن ۾ هندو برادري جي ٻارن , مرد توڙي عورتن پاران هڪ ٻي کي هولي جا رنگ هڻي ملڪ جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعائون گهريون ويون ۽ ھولي جا رنگ شام تائين لڳندا رھيا, هوڏانهن پي ٽي آء اڳواڻ مير افتخار لنڊ ڪرشنا مندر پهچي هندو برادري سان گڏ هولي ملهائي , ان موقعي ته مير افتخار لنڊ چيو ته اڄ هندو برادري جو هولي جو ڏهاڙو آهي جنهن ۾ شرڪت ڪري تمام خوشي ٿي آهي , هن چيو هولي محبتن جو تهوار آهي , هوڏانهن ان موقعي تي هندو برادري جي ماڻهن درشن لال , رميش ڪمار , بيشم لال هريش ڪمار جو چوڻ هو ته هولي امن ۽ محبت جو پيغام ڏي ٿي اڄ هت سڀ گڏ ٿي محبتون وڊيون پيا.










