حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪامريڊ دادا علي بخش سنڌ هاري ڪاميٽي جو ڪميٽيڊ ورڪر ۽ پورهيت اڳواڻ هو هن سڄي زندگي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي پورهيتن لاء جدوجهد ڪندي گذاري سندس وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن اڳواڻن ۾ سندس لاڏاڻي جي خبر تي سوڳ ڇانيل آهي دادا علي بخش جي ڪيل جدوجهد تاريخ ۾ ياد رکي ويندي.










