سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 6 لاپته شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 6 لاپته شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ 6 لاپته ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بابت درخواستن تي شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عورت بيان ڏيندي چيو ته ڀاءُ مهدي علي نقوي پنجن سالن کان گم آهي هر ٻڌڻي تي ڪجهه ڪاغذ ڏنا وڃن ٿا اسان کي پنهنجو ڀاءُ آزاد گهرجي اسان اهي ڪاغذڇا ڪندسين عدالت ريمارڪس ڏنا ته پوليس ۽ ٻيا ادارا بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن عدالت به سمورن معاملن جو جائزو وٺي رهي آهي جلد بازياب ٿي ويندو. شهري ذيشان جي گهر واپس اچڻ تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تي عدالت غائب شهري اعزازالحسن جي درخواست ختم ڪري ڇڏي. عدالت غائب شهرين ظفراقبال، محمد حسين، ملڪ رضوان کي بازياب ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت غائب ماڻهن لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو