ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي سي اي او ارشد ملڪ خلاف سينيئر اسٽاف ايسوسيئيشن (ساسا) جي جنرل سيڪريٽري صفدر انجم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايئرمارشل ارشد ملڪ تعليمي معيار تي پورو نه ٿو لهي ۽ ان جو ايئرلائين متعلق ڪو به تجربو ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ايئرمارشل ارشد ملڪ جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ايئرمارشل ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو جڏهن ته پي آءِ اي ۾ نئين ڀرتين، ملازمن کي ڪڍڻ ۽ انهن جون بدليون ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي. عدالت جي حڪم مطابق بورڊ آف ڊائريڪٽر ۽ ايڇ آر پي آءِ اي ۾ خريد و فروخت پاليسي ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثا به وڪڻي نه سگهندي. عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي 22 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته 11 آڪٽومبر 2018 تي وفاقي ڪابينه ايئرمارشل ارشد ملڪ کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ 2 اپريل 2019 تي سي اي او مقرر ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ارشد محمود ملڪ 12 جولاءِ 1962 تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو ۽ 1978 ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شموليت اختيار ڪئي جڏهن ته 1983 ۾ فائٽر پائليٽ ۾ ڪميشنڊ حاصل ڪئي. هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي سميت ايئرڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج آمريڪا کان به تعليم حاصل ڪئي. ارشد ملڪ چيئرمين پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس ڪامره سميت ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. جڏهن ته ان کي شاندار ڪيريئر ۽ خدمتن عيوض اعليٰ ترين ايوارڊ هلال امتياز (ملٽري)، ستاره امتياز ۽ تمغه امتياز سان به نوازيو ويو آهي.










