سنڌ مان ڪڻڪ جي اسمگلنگ، ٻئي ڏينهن به ڇاپا جاري

سنڌ مان ڪڻڪ جي اسمگلنگ، ٻئي ڏينهن به ڇاپا جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن سنڌ مان ٻين صوبن ڏانهن ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ٻئي ڏينهن به صوبي ۾ ڪاروايون جاري آهن. ***خيرپور مان سجاد علي ڪٻر موجب ضلعي انتظاميه ڪاروائي ڪندي ٻٻرلو باءِ پاس تي  ڪڻڪ سان ڀريل 8 ٽرالر هٿ ڪري ورتا. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي, اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ ۽ مختيارڪار عبدالشڪور جي اڳواڻي ۾ خيرپور انتظاميه جي نگراني ۾ هاءِ وي تي چيڪنگ شروع ڪئي وئي. سنڌ کان پنجاب ويندڙ 8 ٽريلر ۽ ٽرڪون پڪڙيون ويون. ڊپٽي ڪمشنر صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ تي پابندي هجڻ باوجود سنڌ کان پنجاب طرف وڃي رهي هئي اهڙو اطلاع ملڻ تي ڪاروائي ڪئي جنهن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. ***روھڙي مان امان ﷲ سومرو موجب گذريل ڏينهن سنڌ جي ڪڻڪ پنجاب، بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل تصور پاران اسسٽنٽ ڪمشنر روھڙي محمد نبيل رياض سنڌو، ڊي ايس پي روھڙي حضور بخش سولنگي، ايس ايڇ او روھڙي ياسر کوسو ۽ فوڊ انتظاميا سکر سان گڏ گذريل ڏينهن روھڙي جي علائقي نيو بس ٽرمينل ويجهو قومي شاهراهه تي اچانڪ ڪاروائي ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان ويندڙ ڪيترن ئي مشڪوڪ ٽريلرن، ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن جي چيڪنگ ڪئي . ان موقعي تي ٻن ٽريلرن جنهن ۾ 600 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ڀريل ٻوريون پڪڙي ورتيون ۽ ھڪ ڪلينر سميت ٻن ڊرائيورن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.

Photo Sindhyar

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت جي حڪمن بعد ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سکر انتظاميا پاران قدم کنيا پيا وڃن.***اوٻاوڙو  مان غلام علي رند موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم جي هدايتن تي سنڌ مان ڪڻڪ جي غيرقانوني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ضلعي گهوٽڪي ۾ سخت انتطام ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ گهوٽڪي جي سرحدي رستن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن جتان گذرندڙ ڪنٽينرن ۽ ٽرڪن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

Photo Sindhyar

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه گذريل 4 مهينن کان ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين  جي سلسلو جاري رکيون پئي اچي، گذريل هڪ مهيني دوران 140 ٽرڪون پڪڙيون ويون آهن ۽ 40 هزار ٻوريون ضبط ڪيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪٿي ڪنٽينر يا ٽرڪ ڪڻڪ سان لوڊ ٿيندي نظر اچي ته فوري طور ضلعي انتظاميه کي آگاه ڪيو وڃي ته جيئن  اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي جڏهن ته اطلاع ڏيندڙ کي انعام سان نوازيو ويندو ۽ سندس نالو پڻ راز ۾ رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو