ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي صوبي ۾ انساني حقن عالمي ضابطن تي مڪمل طور عملدرآمد سان گڏوگڏ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف زيرو ٽالرنس واري پنهنجي پاليسي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجا خيز بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران مقامي هوٽل ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ روينيو، پوليس ۽ قانون واري کاتي جي آفيسرن ۽ نمائندن کانسواءِ عورتن ۽ ٻارن سميت سماج جي ڪمزور طبقن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ سريندر ولاسائي چيو ته سنڌ صوبو انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ متاثرن کي تحفظ ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٻين صوبن کان اڳتي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جو چوٿون ٻه سالا GSP+ جائزو 2022 جي آخر ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ يورپي ڪميشن اهڙي رپورٽ يورپي پارليامينٽ کي پڻ پيش ڪري چڪي آهي. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسڪيم هن سال ختم ٿي رهي آهي ۽ مٿي ڄاڻايل رپورٽ يورپي يونين طرفان پاڪستان کي ايندڙ جي ايس پي پلس ايوارڊ جي تعين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته جي ايس پي پلس تحت پاڪستان جي سالياني آمدني 1.5 بلين کان 2 بلين ڊالرن جي وچ ۾ آهي. سريندر ولاسائي چيو ته جي ايس پي پلس لاءِ بنيادي ڪم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ عوامي حڪومت ڪيو ويو. هن چيو ته پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو انساني حقن جي حوالي سان هميشه واضح موقف رهيو آهي ته ڪا به عوامي پارٽي ۽ جمهوري حڪومت انساني حقن جي لتاڙ جو تصور به نٿي ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جو صوبائي کاتو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ حڪومت جي واضح پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. سريندر ولاسائي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي روڪٿام لاءِ صرف وفاقي ۽ صوبائي سطح جو ميڪنزم ڪافي ناهي، ان کي ضلعي سطح تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني حقن واري کاتي جو دائرو هاڻي ڊويزنل سطح کان ضلعي سطح تائين وڌايو پيو وڃي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي کاتي جي دائري، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي پلاننگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته سندس کاتي پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي شڪايتن جي فوري ازالي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي هڪ آٽوميشن ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ذريعي متاثر شخص جي شڪايت ملڻ تي سمورا لاڳاپيل ادارا هڪ پيج تي اچي ويندا. هن چيو ته متاثرين جي شڪايتن جي ازالي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ پوليس کاتي ۽ انساني حقن واري کاتي وچ ۾ فوري ۽ موثر ميڪنزم ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس کاتي پاران ڊسٽرڪٽ هيومن رائيٽس ڪميٽيون ٺاهيون وينديون، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرز کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. اجلاس دوران هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو سرڪاري سطح تي اساني حقن بابت ادارن جي ميڪنزم بابت معلومات ڏني. ان موقعي تي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، اڳوڻي سيڪريٽري سنڌ عبدالرحيم سومرو، سنڌ هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ جي ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل جي ايگزيڪيوٽو ڪوآرڊينيٽر جميل جوڻيجو ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي ميمبر ذوالفقار شاهه پڻ خطاب ڪيو. سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن ۽ مختلف کاتن جي نمائندن انساني حقن واري کاتي پاران آگاهي سيشن منعقد ڪرڻ واري عمل کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙا پروگرام انساني حقن جي هٿي ۽ تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهن.










