ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي)سنڌ سڀا جي پرامن پيادل لانگ مارچ تي اوٻاڙو ويجهو پوليس پاران ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتاري واري عمل خلاف اڄ ٻي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان مختلف قوم پرست ،سول سوساٽيٽي پاران مظاهرو ڪيو ويو هن موقعي تي مظاهرين نديم زنگيجو ، زاهد جسڪاڻي ، جاويد هاليپوٽو ، فياض بروهي ، سڪندر ڦلڪارو ، راشد سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي کي فوري رها ڪري قافلي کي پرامن طريقي سان احتجاج جو حق ڏنو وڃي ته قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي سگهي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پرامن مظاهرين کي طاقت ۽ جبر ذريعي احتجاج جي حق کان محروم رکيو ويو ته سموري سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيندو..










