خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ برڪت علي چانڊيو) گذريل رات سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس حملي، عورتن جي تذليل ۽ گرفتاري واري عمل خلاف خيرپور ناٿن شاهه جي عدالت ۾ وڪيل برادري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.سينيئر وڪيل نور حسين کوسو، وڪيل اعجاز ٻٻر، وڪيل نويد چانڊيو، وڪيل شاھد جمالي، وڪيل رشيد وينس، وڪيل رحمت الله عباسي، وڪيل گدا حسين سيال، وڪيل وزير لاکير ۽ ٻين ڪورٽ سڳوريءَ جي اڱڻ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو.ان موقعي صحافين سان ڳالهائيندي ھنن جو چوڻ ھو تہ پنھنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس جو حملو ناانصافي آهي، پاڪستان ۾ ھر شھري کي احتجاج جو مڪمل حق آھي، پوليس جي مجرماڻي ڪارروائي انتھائي ڪريل حرڪت ھئي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ سڀا جي قافلي تي حملي ۾ ملوث ايس ايڇ او ۽ سندن ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.










