ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي سنڌ سان ملاقات جاري آهي،حيدرآباد، ڪوٽڙي، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ مک تقريبن دوران جڳ مشهور فنڪارن سُر وکيري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد جو وچن ڪيو ويو ڪنڌڪوٽ، قمبر، عمرڪوٽ، مٺي ۽ شاهپور چاڪر ۾ ماڻهو ثقافتي ويس اوڍي ٻاهر نڪري آيا نوابشاهه، دوڙ، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، ميهڙ ۽ ٻين شهرن مان ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد، فريد آباد، نبي سر روڊ ۽ وارهه مان به ريليون ڪڍي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا ڏني وئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن سان به ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو،خانپور، گڊو، نصرپور کپرو، ڏيپلو، تنگواڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهو رستن تي نڪري آياگهارو ۾ به ثقافتي ويس وڳا اوڍيل شهرين جي ريلي ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون وارهه ۾ هڪ سئو فوٽ ۽ بدين ۾ 50 فوٽ جا اجرڪ جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا ٽنڊو باگو ۾ ڪبوتر اڏاري ايڪتا ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وينديڀارت ۾ رهندڙ سنڌي به ايڪتا جي رنگ ۾ رڱجي ويا، بيلاس پور ۾ ايڪتا تقريب دوران مشهور فنڪار جَتن اُداسي سُر وکيري شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو آسٽريليا ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽبن طرفان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، عورتن طرفان شيخ اياز جي شاعري سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان محبت ۽ ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا، جوڳي برادري پاران نانگ هٿن ۾ کڻي سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي مرلي جي ڌنين تي نانگ نچائڻ کانسواءِ رقص به ڪيو ويو










