سنڌ سميت مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

سنڌ سميت مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرمي جو زور ٽٽي ويندو، موسميات کاتي پاران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي اڄ رات کان اترين علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي ، سڀاڻي خميس ۽ جمعي دوران سنڌ ۾ به وسڪارو ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب سنڌ جي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد واري پاسي طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي پاران آبادگارن کي برسات دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو