سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو

سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو

ڪراچي(ڪراچي ۽ نمائندن وٽان) 6ڊسمبر  سنڌ ثقافت  جو قومي ڏهاڙو سڄي سنڌ جيان پوري دنيا ۾ ملهايو ويو ان خوشي جي موقعي قومي عيد جي ڏينهن جي مختلف شهرن ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويا ۽ ريليون ڪٺيون ويون . مردن عارتن ۽ ٻارڙن اجرڪ ٽوپي ۽ اجرڪ جا وڳا پائي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيوايڪتا جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جزبي سان ملھايو ويو سنڌ جي مختلف سياسي سماجي صحافي ۽ قوم پرست پارٽين ۽ شھرين پاران سنڌي اجرڪ ٽوپي پائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي محفلن ۾ سنڌي فنڪارن  سنڌي گيت ڳائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي.***

ڪشمور کان جي ايم کوسو  مطابق سڄي سنڌ جيان ڪسمور ۾ به قومي ڏينهن وڏي جوش ۽ جزبي سان منايو ويو ميڊيا سان ڳالھائيندي شھرين چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي جنهن کي 6 ڊسمبر ثقافت ۽ ايڪتا جو ثبوت ڏنو وڃي ته اسين سنڌ جا سنڌي آھيون سنڌ جي ٻيٽن ۽ ڪارونجھر جبلن تي وفاق کي قبضو ڪرڻ ھرگز نه ڏينداسين .***

جروار رپورٽ محمد بخش گبول جروار لڳ ڳوٺ نبي بخش گبول ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب ڪئي وئي تفصيل موجب ھر سال جيان ھن سال به ڳوٺ نبي بخش گبول ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان محفل مچائي ويئي جنھن ۾ نوجوانن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي جهمريون پائي رقص ڪيو محفل م شامل ٻارڙن ٽيبلوز ۽ قومي گيت ڳائي محفل ۾ واھ واھ ڪري ڇڏي ان موقعي تي سنڌ ڌرتي سان وفاداري ۽ سنڌي جو ھڪ انچ به ڪنھن کي نه ڏيڻ جو وچن پڻ ڪيو.

سڪرنڊ راج ڪماراوڏ  مطابق اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ ھمدرد آرگنائيزيشن جي بانيڪار گل محمد رند چيو آهي ته اڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ماڻھو صرف پنهنجن مفادن يا پريشانين ۾ هجن اتي جيڪڏھن ڪو مخلص ماڻھو پيدا ٿي پوي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي ميڊيا هائوس جي سربراھ شبير احمد راجپوت ، منير احمد ڀٽي خطاب ڪوي قومي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهايو.

مانجهند کان مهراڻ عمراڻي مطابق مانجهند ۾ ثقافتي سڏ تي پريس ڪلب مانجهند طرفان صحافي يوسف عمراڻي ساجد علي ملاح گلزار ملاح  محرم علي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ثقافتي لباس ٽوپي اجرڪ پٽڪا ٻڌي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي جسقم جي گلشيرکوسو سگهڙ فيض محمد کماڻ سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي ريلي ۾ دهلن تي رقص ڪندي سنڌ زنده آباد ثقافت زنده آباد جا نعرا پڻ ھنيا ويا تقريب ۾ سگهڙ ڪچھري پڻ ڪرائي وئي.

ڳڙھي ياسين جي نمائندي مطابق سنڌي ميڊيا پاران 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملائڻ واري اعلان کي ڳڙهي ياسين واسين ڀرپور  موٽ ڏئي ڇڏي سياسي ، سماجي ، مذهبي تنظيمن  جسقم ، ڳڙھي ياسين سماجي اتحاد ، مھراڻ شاپ ڪيپر ايسوسئيشن، ميمڻ برادري  سميت  شهرين سنڌ جي سڃاڻپ ٽوپي ۽ اجرڪ پهري ڊکڻ ناڪي کان هڪ گڏيل شاندار ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن شاهي بازار ، پراڻي نيشنل بيئڪ ، نورمصطفي چونڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين سنڌي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي.

جروار کان محمد بخش گبول مطابق جروار ۾ به  پوري سنڌ جيان ايڪتا جو ڏينهن ڀرپور نموني ملهايو ويو تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي ۽برادرين جا ماڻھو شريڪ ٿيا ,جروار نوجوان يوٿ فورم طرفان مراد گبول کان جروار تائين ريلي ڪڍي ,ثقافتي پروگرام ۾ ايس ٽي پي ,جروار يوٿ فورم نوجوان سجاڳ سٿ شھري اتحاد سميت ٻن سياسي سماجي تنظيمن جا ماڻھو شريڪ ٿيا ,قومي گيتن تي ننڍا وڏا جهومريون هنيون ,تقريب جي پڄاڻي کان پوء ريلي ڪڍي ويئي تقريب ۾ قومي گيتن تي جهومريون هنيون ننڍڙا ٻارڙن به ثقافتي ويس پائي شرڪت ڪئي ۽قومي گيتن تي جهومريون پڻ هنيون تقريب ۾ قومي گيت پيش ڪيا ويا.

ٽنڊو محمد خان مظفر علي بروهي ٽنڊو محمد خان شھر  سميت شيخ ڀرڪيو ۾  مختلف قومپرست پارٽين سميت من گروپ۽ محبتي گروپ پاران سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ملاهڻ واري اعلان کان پو۽ شاندار ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رڪس ڪيو ويو   ۽ مختلف هنڌن تان نڪتلن ريلين مٿان گل نڇاورڪيا ويا ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا هر طرف سنڌ جي سڃاڻ اجرڪن جي گاڙھاڻ نظر پي آئي نوجوانن پاران قومي گيتن تي رڪس ڪيو ويو ۽ شھرين پاران ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.

ٻيلو کان شعيب الرحمان ڪراچي سنڌ آ سنڌ جند آ جي سري هيٺ ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڏي تعداد ۾ ريليون نوجوان پوڙھا پڪا ٻارڙا  جهمريون هڻندا رهيا رقص هر طرف اجرڪ ٽوپي جي سونهن ئي سونهن نظر آئي.ٻيلو شھر ۾ سول سوسائٽي ۽ صحافين پاران سيد ڪلينڪ کان پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھرين  صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هوڏانهن ٻيلو شھر ڀرسان ڳوٺ پير ڏنو ٻجورو مان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي ريلي پريس ڪلب ٻيلو پهتي جتي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌي گانن تي جھموريون هنيون ويون نوجوان سنڌي گانن تي رقص ڪندا جئي سنڌ جئي سنڌ ڪراچي سنڌ آ سنڌ جند آ جا نعراه هڻندا رهيا

. نوشھروفيروز  کان منظور ملڪ مطابق نوشهروفيروزضلعي جي سمورن ننڊن وڏن شهر مان ثقافت جي حوالي سان سوين ريليون مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳيان گڏ ٿيون جتي سڄو ڏينهن سنڌ جي ناليوارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا ۽ نوجوان قومي گيتن تي جهمريون هڻي نچندا رهيا اديب شاهه ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو