ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئي ھائوسنگ اسڪيمز ۽ سوسائٽيز کي ماحولياتي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو جي صدارت ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو. جنھن ۾ ڊي جي سيپا نعيم مغل سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئي سوسائٽيزکي ماحولياتي اين او سي نه ڏيندي، ڪراچي ۾ وڻن جا ٻوٽا پوکڻ وارين نئي سوسائٽيز کي ئي ماحولياتي اين اوسي ڏني ويندي. اسماعيل راھو ڊي جي سيپا کي ھدايت ڏيندي چيو ته گرمي ۾ واڌ جي پيش نظر صوبي ۾ رھائشي اسڪيمز لاء وڻ لڳائڻ جي نئي پاليسي جوڙي وڃي، نئي رھائشي اسڪيمز کي پھريان گرين بيلٽ بڻائڻ لاءزمين مختص ڪرڻي پوندي جنھن کان پوء تعميراتي ڪم جي اجازت ھوندي. ماحوليات واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وٹ ڪٽيندڙ مافياز خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي،موسمياتي تبديلي جي ڪري پوري دنيا ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿئي پئي.










