سنڌ سرڪار پاران ڪورونا ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ پابنديون وڌيڪ سخت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سموري سنڌ ۾ اڄ کان رات 8 وڳي کان اڻ اعلانيل ڪرفيو، سنڌ سرڪار ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ صوبي ۾ پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون، رات 8 وڳي کان فجر تائين غير ضروري طور گهران نڪرڻ ۽ گاڏين ۾ سفر تي بندش، پوليس کي ماڻهن جي غيرضروري چرپر روڪڻ جي هدايت، رات جي وقت پارڪس جون لائيٽس به بند ڪرڻ جو حڪم، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پابندين ۾ سختي ڪريون ٿا ته واپاري ڪاوڙجي ويندا آهن، سختي نه ڪريون ته ميڊيا چئي ٿي حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ٿي ويا، اڄ کان سج لٿي بعد غير ضروري طورگهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو