سنڌ سرڪارننڊ ۾ ستل،ڪمند جو اگهه مقررنه ڪرڻ سبب ملون بند

سنڌ سرڪارننڊ ۾ ستل،ڪمند جو اگهه مقررنه ڪرڻ سبب ملون بند

بدين (ن س) سنڌ سرڪار طرفان ڪمند جو اگھ مقرر نه ڪرڻ جي ڪري بدين م شوگر ملون ھلي نه سگھيون آھن گزريل سال حڪومت طرفان 220 روپيا مڻ اگھ مقرر ڪيو ويو ھو شوگر ملز مالڪن ان دوران پنھنجي فيلڊ مان 320 روپيا مڻ تائين ڪمند جي خريداري ڪئي ھئي ۽ آئوٽ زون مان 450 روپيا في مڻ تائين خريداري ڪئي ويئي ھئي ھن سال آڪٽوبر مھيني جي پڇاڙي واري ھفتي ۾ به ڪمند جو اگھ مقرر نه ڪرڻ بابت لاڙ آبادگار بورڊ جي صدر محمد خان ساريجو ڪامريڊ الھڏنو چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته شوگر ملز مالڪ آئوٽ زون مان گھٽ ڪوائلٽي وارو ڪمند 450 روپيا مڻ خريد ڪري رھيا آھن پر زون جي اندر آبادگارن کي 300 روپيا مڻ به مشڪل سان ڏين ٿا جيڪا سراسر ناانصافي آهي ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪمند جو اگهه گھٽ ۾ گھٽ 400 روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ھن مھانگائي جي دور ۾ آبادگارن جو خرچ نڪري سگھي ھوڏانھن اھو معلوم ٿيو آهي ته حڪومت جي طرفان کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ملي آھي جنھن جي ڪري ھو پاسما طرفان ملون چالو ڪري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ته پاسما چيو آھي ته ڪمند جو اگھ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاء فيصلن جو انتظار آھي جنھن بعد شوگر ملون ھلايون وينديون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو