سنڌ روينيو بورڊ پاران اربين روپين جي وصولي جو اعلان

سنڌ روينيو بورڊ پاران اربين روپين جي وصولي جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ روينيو بورڊ پاران مارچ 2023 ۾ روينيو گڏ ٿيو،مارچ 2023ع ۾ سنڌ روينيو بورڊ اربين روپين جي روينيو وصولي جو اعلان ڪيو. ايس بي آر مارچ 2023 جي مهيني ۾ 19.034 بلين رپين جي آمدني حاصل ڪئي گذريل سال مارچ 2022 دوران 14.888 بلين رپيا جمع ٿيا اهڙيءَ طرح صرف هن سال مارچ جي مهيني ۾ 28 سيڪڙو جو اضافي ۽ غير معمولي جمع ٿيو مالي سال 23-2022 جي جولاءِ کان مارچ جي 9 مهينن دوران 128.206 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا.گذريل مالي سال 2021-2022 ۾ 104.800 بلين رپيا ڪليڪشن ٿيا، هن مالي سال ۾ وصولين ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مارچ 2023 دوران آمدني ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٽيڪس ادا ڪندڙن جي اعتماد ۽ تعاون جي ڪري ممڪن ٿيو.سنڌ حڪومت پاران مسلسل سهڪار ۽ SRB آفيسرن ۽ عملي جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ايس آر بي جو هن سال لاءِ گڏ ڪرڻ جو هدف 180 بلين آهي. تازن تباهي واري ٻوڏ، ان جي اثرن ۽ مجموعي ناڪاري عنصرن جي باوجود هدف حاصل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو