سنڌ روش ٺيڪ ڪري، شبلي ، نالائقي ٺيڪ ڪريو، ناصر شاهه

سنڌ روش ٺيڪ ڪري، شبلي ، نالائقي ٺيڪ ڪريو، ناصر شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات جي وفاقي وزير شبلي فراز سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڌمڪي ڏيندي چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي روش بدلائي. وفاقي وزير فوڊ سيڪورٽي ڌار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اٽي جي بحران بابت سنڌ حڪومت تعاون نٿي ڪري. کين جواب ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن  جي ناڪامي  سنڌ جي ڳچي ۾ وجهڻ بدران پنهنجيون ڪوتاهيون ۽ نااهلي دور ڪريو. تفصيلي خبر موجب وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ان کان اڳ جو اسين گورنر راڄ جي ڳالهه ڪريون، سنڌ سرڪار پنهنجي روش تبديل ڪري، هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي مينڊيٽ تي پورو نه لٿي آهي، صوبائي سرڪار عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، ڪراچي جو حال سڀني جي سامهون آهي.وفاقي حڪومت ڪڻڪ بحران جو به ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فوڊ سيڪورٽي جي وفاقي وزير فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ 15لک ٽن ڪڻڪ جي کوٽ آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جاري نه ڪري بحران پيدا ڪيو، ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي 2 ڀيرا خط لکيا پر ڪوبه مثبت جواب نه مليو، بازار ۾ تاثر ڏنو پيو وڃي ته اٽي جا اگهه وڌي ويا آهن، اٽي جا اگهه مقرر ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، پنجاب ۾ اٽو سستو ۽ سنڌ ۾ مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان تاثر کي رد ڪندي سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر شاهه وفاقي وزيرن شبلي فراز ۽ فخرامام جي پريس ڪانفرنز تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته وفاقي وزير پهريان وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۾ ڪارڪردگي جو جائزو وٺن پوءِ اسان تي الزام هڻن،وفاق ۽ پنجاب جون حڪومتون پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ تي الزام هڻي رهيون آهن،ناصر شاهه چيو ته اڄ به سنڌ مان ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي،پنجاب ۾ به ڪڻڪ جي غير قانوني طور تي ذخيرا اندوزي ٿي رهي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟.

پهنجو تبصرو موڪليو