ڪراچيئئ اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر۽ بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن پاران سنڌ ۾ نئين آءِ جي طور مشتاق مهر جي مقرري جي مخالفت ڪري ڇڏي. جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر آءِ جي سنڌ جي تبديلي وارو معاملو ڊگهو ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گوڀرنر عمران اسماعيل کي هدايت ڪئي ته هو وڏي وزير سان ٻيهر مشاورت ڪري نئين نالي تي اتفاق ڪرڻ بعد کيس رپورٽ ڏئي. اها ڳالهه ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ دوران داڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ مراد سعيد بريفنگ دوران ٻڌائي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي دوري وقت مشتاق مهر کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو. ان کان اڳ سنڌ جي آءِ جي پوليس سيد ڪليم امام چيو آهي ته سندس خلاف وڏي سازش ٿي رهي آهي. منهنجي بدلي ايتري آساني سان نه ٿيندي جيڪڏهن ويس ته پنهنجي مقدر سان ويندس ۽ اها صرف بدلي نه هوندي پر انقلاب هوندو. اهڙو اظهار هن پوليس بلڊنگ اندر شهيدن جي يادگار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ پوليس وارا شايد پيسا بچائڻ ٿا چاهين جو منهنجي فيئر ويل بجاءِ هن ئي تقريب کي ان سان ڳنڍين پيا. هن مذاق ۾ چيو ته جيڪڏهن هو ويو به ته هاثي سوا لک جو هوندو آهي فڪر نه ڪريو. هن چيو ته اڳ ۾ به سٺا آفيسر آيا ۽ هنن بهتر ڪم ڪيو اسان به ٽيم ورڪ سا بهتر ڪم ڪيو ۽ آئنده به ٿيندو رهندو. هن چيو ته پوليس وارن امن امان جي بحالي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اسين شهيدن جو يادگار عمارت ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ .ي ٺاهيو آهي جيئن اچڻ وارن کي خبر پوي، هن تي 2200 شهيدن جا نالا لکرايا آهن ۽ ان جو افتتاح به سندن وارثن کان ڪرايو آهي. هن چيو ته جيڪي به ساٿي هتي موجود آهن اهي سڀ غازي آهن ڇو ته سڀني جي ڪيريئر ۾ اهڙا موقعا آيا جڏهن ڪلمو پڙهڻو پيو ته هي سندن آخري وقت آهي. هوڏانهن اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ جي سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي بدلي ٿيندي رهندي آهي، پنجاب ۾ 5 آءِ جي تبديل ٿيا، ڪي پي ۾ تبديل ٿيو پر سنڌ ۾ جڏهن پور ڪابينا مٿس عدم اعتماد ڪيو آهي ته پوءِ هن جو عهدي رهڻ جو ڪهڙو اخلاقي جواز آهي. لڳي ٿو هو عهدي تي چپڪيو رهڻ ٿو چاهي. هڪ سوال تي هن چيو ته وفاقي ڪابينا اڄ ان تي غور ڪري پئي ۽ آءِ جي کي هٽائڻ جو فيصلو ٿي ويندو. هن امتياز شيخ خلاف ڪوڙي رپورٽ ليڪ ڪرائي، چيف سيڪريٽري کي لکيل خط به ليڪ ڪرايو هو سنڌ حڪومت خلاف سازشن ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي.










